ڪراچي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪوئيٽا جي علائقي شعبان ۾ ڪامياب سيڪيورٽي آپريشن دوران 13 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي سندن بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته وطن عزيز مان دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ اسان جون سيڪيورٽي فورسز قيمتي جانيون قربان ڪري رهيون آهن. مقامي …
سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪوئيٽا جي علائقي شعبان ۾ ڪامياب سيڪيورٽي آپريشن دوران 13 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
ڪراچي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪوئيٽا جي علائقي شعبان ۾ ڪامياب سيڪيورٽي آپريشن دوران 13 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي سندن بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته وطن عزيز مان دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ اسان جون سيڪيورٽي فورسز قيمتي جانيون قربان ڪري رهيون آهن. مقامي آبادي کي محفوظ رکڻ لاءِ وقت سر آپريشن انتهائي ضروري ۽ ساراهه جوڳو قدم آهي. هن چيو ته آپريشن دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ اچڻ سان دهشتگردن جو هڪ وڏو نيٽ ورڪ تباهه ٿيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي ادارن سان هر ممڪن سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو.











