لاڙڪاڻو شهر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 4 ڄڻا  قتل، ھڪ ڄڻو زخمي

لاڙڪاڻو- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو شهر ۾ لاھوري ريگيوليٽر وٽ ذاتي دشمني تان هٿياربندن سر عام فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا  مارجي ويا جڏهن ته ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي. معاملي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو  سخت نوٽيس وٺندي ناڪابندي ڪرڻ سميت جوابدارن جي ھر صورت ۾ گرفتاري کي يقيني بڻائڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون. سول لائينز ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي شروعاتي رپورٽ موجب واقعو زرعي زمين جي تڪرار سبب ذاتي دشمني جو نتيجو آھي. پوليس ترجمان موجب مقتول ۽ …

لاڙڪاڻو- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو شهر ۾ لاھوري ريگيوليٽر وٽ ذاتي دشمني تان هٿياربندن سر عام فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا  مارجي ويا جڏهن ته ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي. معاملي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو  سخت نوٽيس وٺندي ناڪابندي ڪرڻ سميت جوابدارن جي ھر صورت ۾ گرفتاري کي يقيني بڻائڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون. سول لائينز ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي شروعاتي رپورٽ موجب واقعو زرعي زمين جي تڪرار سبب ذاتي دشمني جو نتيجو آھي. پوليس ترجمان موجب مقتول ۽ جوابدار کوکر برادري سان تعلق رکن ٿا ۽ ان کان اڳ به ھڪ ٻئي جي قتل ڪيسن ۾ ملوث رھيا آھن. ٻئي ڌريون نئون ديرو جون رھواسي آھن. مارجي ويلن ۾ علي شير کوکر، الله ورايو کوکر، منصور کوکر، ڪار ڊرائيور غلام محي الدين مگڻيجو ۽ ھڪ زخمي يار محمد کوکر شامل آھن. واقعي واري هنڌ سميت شھر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پوليس جي وڏي نفري موجود آھي.