بيجنگ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ۾ اعليٰ تعليم يافته آبادي 270 ملين تائين پهچي وئي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي تعليم واري وزارت جي لاڳاپيل اختيارين جي رياستي ڪائونسل جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ويو ته چين دنيا جو سڀ کان اعليٰ معيار جو تعليمي نظام قائم ڪيو آهي، جنهن جي تعليم تائين رسائي ۽ برابر درجه بندي دنيا جي بهترين ملڪن ۾ …
چين ۾ اعليٰ تعليم يافته ماڻهن جو انگ 27 ڪروڙ تائين پهچي ويو: تعليم واري وزارت

مزید خبریں
بيجنگ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ۾ اعليٰ تعليم يافته آبادي 270 ملين تائين پهچي وئي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي تعليم واري وزارت جي لاڳاپيل اختيارين جي رياستي ڪائونسل جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ويو ته چين دنيا جو سڀ کان اعليٰ معيار جو تعليمي نظام قائم ڪيو آهي، جنهن جي تعليم تائين رسائي ۽ برابر درجه بندي دنيا جي بهترين ملڪن ۾ ٿيندي آهي. لاڳاپيل اختيارين ٻڌايو ته چين جي بنيادي تعليم اعليٰ آمدني وارن ملڪن جي سراسري واري سطح تائين پهچي چڪي آهي .پري اسڪول جي تعليم لاءِ مجموعي داخلا جي شرح 92.9 سيڪڙو جڏهن ته سينيئر سيڪنڊري تعليم لاءِ اها شرح 92 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. چين ۾ اعليٰ تعليم يافته آبادي 270 ملين تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته تعليم جي شعبي جو عالمي اثر رسوخ مسلسل وڌي رهيو آهي.











