گڏيل قومون -23 سيپٽمبر (اي پي پي) روس جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته گڏيل قومن جي نئين سيڪريٽري جنرل جي چونڊ رڳو (انگن) جي بنياد تي نٿي ڪري سگهجي ۽ ان لاءِ سلامتي ڪائونسل جي پنجن مستقل ميمبرن وچ ۾ مشاورت جي ضرورت پوندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پرڏيهي وزارت جي عهديدار نشاندهي ڪئي ته 18 سيپٽمبر تي ٿيل شروعاتي راءِ شماري بعد ڪيرولين روڊ ريگز-برڪيٽ، ربيڪاگرين اسپين …
گڏيل قومن جي نئين سيڪريٽري جنرل جي چونڊ بابت سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبرن وچ ۾ جلد مشاورت ٿيندي: روس جي پرڏيهي وزارت

مزید خبریں
گڏيل قومون -23 سيپٽمبر (اي پي پي) روس جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته گڏيل قومن جي نئين سيڪريٽري جنرل جي چونڊ رڳو (انگن) جي بنياد تي نٿي ڪري سگهجي ۽ ان لاءِ سلامتي ڪائونسل جي پنجن مستقل ميمبرن وچ ۾ مشاورت جي ضرورت پوندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پرڏيهي وزارت جي عهديدار نشاندهي ڪئي ته 18 سيپٽمبر تي ٿيل شروعاتي راءِ شماري بعد ڪيرولين روڊ ريگز-برڪيٽ، ربيڪاگرين اسپين ۽ اولارااوٽونو، سڀ کان اڳتي رهيو پر انهن مان هر هڪ خلاف پنجن کان 7 ووٽ پڻ پيا. هن چيو ته جيسيتائين رنگين بيلٽ ( مخصوص ووٽنگ) جو مرحلو نٿو اچي، يا ائين چوڻ گهرجي ته ڪو منفي ووٽ ويٽو جي حيثيت رکي ٿو يا نه ۽ روس کي اميد آهي ته سلامتي ڪائونسل جي پنجن مستقل ميمبرن وچ ۾ ان معاملي تي باقاعده مشورو جلد شروع ٿي ويندو. ان عهدي لاءِ 8 اميداوار ميدان ۾ لٿل آهن جن ۾ رافيل گروسي، ربيڪا گرين اسپين، مشيل بيچليٽ، ميڪي سال، ماريا فرنينڊا ايسپي نوزاگارسيس، ڪيرولين روڊ ريگز- برڪيٽ، ايوون باڪي ۽ اولارا اوٽونو شامل آهن. واضع رهي ته گڏيل قومن جي موجوده سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش جي ملازمت جو مدو هلندڙ سال 31 ڊسمبر تي ختم ٿي رهيو آهي.











