چين پاران ايران جي فضائي ڪمپنين تي لاڳو آمريڪي پابندين جي مخالفت

بيجنگ-23 سيپٽمبر(اي پي پي ) چين  ايران جي فضائي ڪمپنين تي لاڳو آمريڪي پابندين جي مخالفت ڪندي ان کي عير قانوني قرار ڏنو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب اهو بيان آمريڪي ناڻي واري وزير جي ان دعويٰ جي هڪ ڏينهن کان پوءِ سامهون آيو ته آمريڪي پابندين جي دٻاءَ سبب ايران جون فضائي ڪمپنيون جلد ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏينديون. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گووجيا ڪون هڪ پريس …

بيجنگ-23 سيپٽمبر(اي پي پي ) چين  ايران جي فضائي ڪمپنين تي لاڳو آمريڪي پابندين جي مخالفت ڪندي ان کي عير قانوني قرار ڏنو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب اهو بيان آمريڪي ناڻي واري وزير جي ان دعويٰ جي هڪ ڏينهن کان پوءِ سامهون آيو ته آمريڪي پابندين جي دٻاءَ سبب ايران جون فضائي ڪمپنيون جلد ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏينديون. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گووجيا ڪون هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته چين هميشه هڪ طرفين  لاڳو ڪيل غير قانوني پابندين جي مخالفت ڪندو رهيو آهي. جڏهن ته اهي پابنديون عالمي قانون سان هڪجهڙائي نٿيون رکن ۽ جن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي منظوري حاصل ناهي ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو هيو ته ايران جيون سموريون هوائي ڪمپنيون 23 سيپٽمبر کان ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏينديون.