انقره/ اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ ٽه ڌري دفاعي حصيداري مڪه الائنس جي قيام ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي. ترڪ پرڏيهي وزير حاقان فيدان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ان اڳڀرائي تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو الائنس انتهائي هاڪاري ۽ بهترين رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، جڏهن ته ٽئي ملڪ ان معاهدي کي عملي جامو …
مڪه الائنس جو گڏيل هيڊڪوارٽر جلد فعال ٿيندو: ترڪ پرڏيهي وزير

مزید خبریں
انقره/ اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ ٽه ڌري دفاعي حصيداري مڪه الائنس جي قيام ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي. ترڪ پرڏيهي وزير حاقان فيدان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ان اڳڀرائي تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو الائنس انتهائي هاڪاري ۽ بهترين رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، جڏهن ته ٽئي ملڪ ان معاهدي کي عملي جامو پارائڻ لاءِ مڪمل پرعزم آهن. هن ٻڌايو ته معاهدي جي اداره جاتي ساخت، مستقل سيڪريٽريٽ ۽ گڏيل عسڪري هيڊڪوارٽر جي قيام تي بنيادي اتفاق راءِ اڳ ئي مڪمل ٿي چڪو آهي. ترڪ پرڏيهي وزير مطابق مڪه الائنس جو گڏيل عسڪري هيڊڪوارٽر جلد فعال ٿيڻ وارو آهي ۽ آپريشن هيڊڪوارٽر لاءِ عملي جي مقرري جو عمل به جلد شروع ڪيو ويندو. دفاعي ماهرن، ترڪ پرڏيهي وزير جي بيان کي ٽنهي برادر اسلامي ملڪن وچ ۾ باضابطا عسڪري حصيداري جي رُخ طرف هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو آهي.











