انقره- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪيه جي صوبي ادانا ۾ ريڪٽر اسڪيل تي 5 درجا شدت جو زلزلو آيو، جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهن مليا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترڪيه جي ڊيزاسٽر اينڊ ايمرجنسي مئنيجمنٽ اٿارٽي مطابق زلزلو مقامي وقت مطابق سومر جي صبح 4 لڳي 2 منٽ تي ضلعي سائم بيلي ۾ 7 ڪلو ميٽر اونهائيءَ ۾ آيو، زلزلي جا لوڏا …
ترڪيه جي صوبي ادانا ۾ 5 درجا شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

مزید خبریں
انقره- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪيه جي صوبي ادانا ۾ ريڪٽر اسڪيل تي 5 درجا شدت جو زلزلو آيو، جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهن مليا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترڪيه جي ڊيزاسٽر اينڊ ايمرجنسي مئنيجمنٽ اٿارٽي مطابق زلزلو مقامي وقت مطابق سومر جي صبح 4 لڳي 2 منٽ تي ضلعي سائم بيلي ۾ 7 ڪلو ميٽر اونهائيءَ ۾ آيو، زلزلي جا لوڏا ڀرپاسن وارن صوبن قيصري، عثمانيه ۽ قهرمان مرعش ۾ به محسوس ڪيا ويا. اختيارين مطابق نقصانن جو جائزو وٺڻ لاءِ امدادي ٽيمن جون ڪارروائيون جاري آهن.











