گڏيل قومون - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 25 سيپٽمبر 193 رڪني جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو، هُو اهڙي وقت ۾ جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو جڏهن عالمي سطح تي پاڪستان جي سفارتي اهميت ۽ ڪردار ۾ اضافو ٿيو آهي، وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي صورتحال تي پاڪستان …
وزيراعظم 25 سيپٽمبر 193 رڪني جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو، وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي صورتحال تي پاڪستان جو نقطه نظر پيش ڪندي ڳالهين، سفارتڪاري، تحمل ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اهميت اجاگر ڪندو: عاصم افتخار احمد

مزید خبریں
گڏيل قومون – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 25 سيپٽمبر 193 رڪني جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو، هُو اهڙي وقت ۾ جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو جڏهن عالمي سطح تي پاڪستان جي سفارتي اهميت ۽ ڪردار ۾ اضافو ٿيو آهي، وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي صورتحال تي پاڪستان جو نقطه نظر پيش ڪندي ڳالهين، سفارتڪاري، تحمل ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اهميت اجاگر ڪندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اهڙي وقت ۾ جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو جڏهن عالمي سطح تي پاڪستان جي سفارتي اهميت ۽ ڪردار ۾ اضافو ٿيو آهي. سفارتي ذريعن مطابق وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي صورتحال تي پاڪستان جو نقطه نظر پيش ڪندي ڳالهين، سفارتڪاري، تحمل ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اهميت اجاگر ڪندو. هو پائيدار ترقي، موسمياتي تبديلي، دهشتگردي جي خاتمي، اسلامو فوبيا، عالمي معاشي چئلينجز، گڏيل قومن ۾ سڌارن ۽ پائيدار ترقي جي هدفن سميت اهم عالمي معاملن تي پاڪستان جون ترجيحون به بيان ڪندو. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين سميت ڊگهي عرصي کان جاري قبضي ۽ خوداراديت واري حق کان محرومي جي معاملن طرف به عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائيندو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن موجب انهن مسئلن جي حل تي زور ڀريندو. وزيراعظم ترقي، موسمياتي قدمن ۽ ٻين اهم معاملن بابت اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ شرڪت کان علاوه ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش سان ٻه طرفيون ملاقاتون به ڪندو. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اجلاس کان اڳ پنهنجي آخري پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته عالمي اڳواڻن لاءِ اهو موقعو هئڻ گهرجي ته هو جاري بحرانن دوران سڌيءَ ريت ملاقاتون ۽ ڳالهيون ڪن. هن مصنوعي ذهانت جي محفوظ، ذميواراڻي ۽ موثر استعمال لاءِ عالمي سطح تي گڏيل سوچ ويچار ۽ مضبوط حفاظتي قدمن جي ضرورت تي به زور ڀريو. اجلاس دوران موسمياتي تبديلي، سمنڊ جي سطح ۾ اضافي سان ٻيٽن جهڙن ۽ گهٽ بلندي وارن ملڪن کي لاڳو خطرن، وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ جي تياري ۽ مصنوعي ذهانت جي عالمي حڪمراني سميت ڪيترائي معاملا بحث هيٺ ايندا. گڏيل قومن جي سربراهه گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن کي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو ته ڪائونسل جي موجوده جوڙجڪ ڪيترائي ڏهاڪا پراڻي عالمي صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ ان کي اڄ جي دنيا جي حقيقتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جو 81هون اجلاس اهڙي وقت ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جڏهن دنيا کي غزه، يوڪرين، ايران، سوڊان سميت مختلف تڪرارن، موسمياتي تبديلي، عالمي عدم برابري ۽ مصنوعي ذهانت جي وڌندڙ اثرن جهڙا اهم چئلينجز درپيش آهن. اجلاس دوران پاڪستان پرامن تڪرارن جي حل، بحث ۽ سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ زور ڀريندو. گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز جي چوڌاري سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 130 کان وڌيڪ ملڪن جا سربراهه ۽ حڪومتي اعليٰ سطحي وفد بحثن ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف 25 سيپٽمبر 193 رڪني جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. اجلاس جي صدارت بنگلاديش جو اعليٰ سفارتڪار خليل الرحمان ڪري رهيو آهي ۽ ان جو موضوع اعتماد جي بحالي، تبديلي جو نظم: سڀني لاءِ گڏيل قومون عمل جوڳيون آهن. جنرل اسيمبلي جو اعليٰ سطحي اجلاس 22 کان 29 سيپٽمبر جاري رهندو.











