ڪابل- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) افغانستان ۾ طالبان انتظاميا خلاف هٿياربند مزاحمتي ڪاررواين ۾ نمايان تيزي آئي آهي جنهن سان حڪمران رجيم جون سيڪيورٽي ڪمزوريون کلي سامهون اچڻ لڳيون آهن. افغانستان يونائيٽيڊ فرنٽ قنڌار ۽ هلمند صوبي ۾ مختلف ڪاررواين دوران طالبان جي 3 اهلڪارن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. تنظيم پاران جاري تفصيل مطابق هلمند صوبي جي علائقي امام رباط چوڪي تي طالبان اهلڪارن کي نشانو بڻايو …
طالبان انتظاميا خلاف مزاحمت ۾ شدت، افغانستان يونائيٽيڊ فرنٽ جون قنڌار ۽ هلمند ۾ ڪارروايون، 3 اهلڪار مارجي ويا

مزید خبریں
ڪابل- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) افغانستان ۾ طالبان انتظاميا خلاف هٿياربند مزاحمتي ڪاررواين ۾ نمايان تيزي آئي آهي جنهن سان حڪمران رجيم جون سيڪيورٽي ڪمزوريون کلي سامهون اچڻ لڳيون آهن. افغانستان يونائيٽيڊ فرنٽ قنڌار ۽ هلمند صوبي ۾ مختلف ڪاررواين دوران طالبان جي 3 اهلڪارن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. تنظيم پاران جاري تفصيل مطابق هلمند صوبي جي علائقي امام رباط چوڪي تي طالبان اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ 2 اهلڪار ٿڏي تي مارجي ويا ۽ سندن ڪلاشنڪوف رائفلون قبضي ۾ ورتيون ويون. ٻئي پاسي قنڌار جي باغ پل بازار ۾ ڪيل هڪ ٻي ڪارروائي دوران طالبان جو هڪ ٻيو سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويو. افغانستان يونائيٽڊ فرنٽ پنهنجي بيان ۾ عزم جو اظهار ڪيو ته قنڌار کان بلغ ۽ هرات کان بدخشان تائين قابض طالبان رجيم خلاف مزاحمتي ڪارروايون بنا رڪاوٽ جاري رکيون وينديون.











