غزه ۾ رهائشي عمارتون ڊهڻ بعد امدادي ڪارروايون فنڊن جي گهٽتائي ۽ اسرائيلي پابندين سبب سستي جو شڪار آهن: گڏيل قومون

گڏيل قومون _ 17 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ۾ هڪ رهائشي عمارت ڊهڻ کان پوءِ امدادي ڪارروايون اسرائيلي پابندين ۽ فنڊن جي گهٽتائي سبب سستي جو شڪار آهن ، اهم سامان جي غزه ڏانهن رسد به محدود آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني معاملن واري شعبي (اوچا) جي رابطه ڪار هڪ بيان ۾ چئي. اوچا ۽ ان جي شراڪتدارن گذريل ڏينهن …

گڏيل قومون _ 17 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ۾ هڪ رهائشي عمارت ڊهڻ کان پوءِ امدادي ڪارروايون اسرائيلي پابندين ۽ فنڊن جي گهٽتائي سبب سستي جو شڪار آهن ، اهم سامان جي غزه ڏانهن رسد به محدود آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني معاملن واري شعبي (اوچا) جي رابطه ڪار هڪ بيان ۾ چئي. اوچا ۽ ان جي شراڪتدارن گذريل ڏينهن ڊهي پيل عمارت جو دورو ڪيو ۽ صورتحال جو جائزو وٺندي متاثرن جي فوري مدد لاءِ قدم کنيا. ان موقعي تي ڳولا ۽ امدادي ڪاررواين جي اڳواڻي سول ڊفينس ڪئي جڏهن ته مصر ۽ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي ٽيمن مدد فراهم ڪئي. سول ڊفينس جي اهلڪارن ملبي مان 21 لاش ڪڍيا جڏهن ته ڪيترن ئي زخمي ماڻهن کي زنده بچايو ويو. مقامي صحت کاتي موجب مارجي ويلن ۾ 12 ٻار به شامل آهن.