اوپن اي آءِ جو نئين سيڙپڪاري جي مرحلي ۾ 1.2 ٽرلين ڊالرن جي ماليت جو هدف

واشنگٽن- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اوپن اي آءِ شروعاتي عوامي آڇ ( آءِ پي او) کان اڳ نئين سيڙپڪاري لاءِ وڏن سيڙپڪارن سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپني جي ماليت 1.2 ٽرلين ڊالرن تائين پهچڻ جو امڪان آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڪمپني مارچ ۾ 122 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري سان گڏ فنڊنگ جو هڪ مرحلو مڪمل ڪيو هو جنهن کان پوءِ ان جي ماليت …

واشنگٽن- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اوپن اي آءِ شروعاتي عوامي آڇ ( آءِ پي او) کان اڳ نئين سيڙپڪاري لاءِ وڏن سيڙپڪارن سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپني جي ماليت 1.2 ٽرلين ڊالرن تائين پهچڻ جو امڪان آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڪمپني مارچ ۾ 122 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري سان گڏ فنڊنگ جو هڪ مرحلو مڪمل ڪيو هو جنهن کان پوءِ ان جي ماليت 852 ارب ڊالرز ٿي وئي. اوپن اي آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سيم آلٽ مين ان کان اڳ چيو هو ته ڪمپني 2026ع ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نه ويندي جنهن جو سبب هن مصنوعي ذهانت بابت حفاظتي خدشن کي قرار ڏنو هو. اوپن اي آءِ ۽ ان جي مخالف ڪمپني اينٿرو وپڪ مصنوعي ذهانت لاءِ وڌيڪ اثرائتن ضابطن جو مطالبو ڪيو ته جيئن سيڪيورٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال بابت خدشن کي نظر ۾ رکندي ان کي محفوظ انداز ۾ تيار ڪري سگهجي.