نيويارڪ _ 16 سيٽمبر (اي پي پي) پاڪستان مان چوري ڪري آمريڪا اسمگل ڪيل 36 قديمي قيمتي شيون پاڪستان حڪومت حوالي ڪيون ويون ،جن کي هاڻي واپس آندو ويندو. قيمتي قديمي شين جي حوالگي جي سلسلي ۾ نيويارڪ ڪائونٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني جي آفيس ۾ منعقد تقريب ۾ حوالگي جو عمل مڪمل ڪيو ويو .نيويارڪ ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل امير احمد آتوزئي ان سلسلي ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون . …
آمريڪا پاڪستان کي اسمگل ٿيل 36 قديمي شيون واپس ڪري ڇڏيون

مزید خبریں
نيويارڪ _ 16 سيٽمبر (اي پي پي) پاڪستان مان چوري ڪري آمريڪا اسمگل ڪيل 36 قديمي قيمتي شيون پاڪستان حڪومت حوالي ڪيون ويون ،جن کي هاڻي واپس آندو ويندو. قيمتي قديمي شين جي حوالگي جي سلسلي ۾ نيويارڪ ڪائونٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني جي آفيس ۾ منعقد تقريب ۾ حوالگي جو عمل مڪمل ڪيو ويو .نيويارڪ ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل امير احمد آتوزئي ان سلسلي ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون . معاهدي تحت 36 قديمي قيمتي شيون پاڪستان کي واپس ڪيون ويون، جن ۾ چوٿين صدي عيسوي جو مجسمو ۽ 2700 کان 3000 سال اڳ جا مٽي جا 35 مجسما شامل آهن. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستاني قونصل جنرل ڊسٽرڪٽ اٽارني جي سلسل سهڪار تي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ثقافتي ورثو پوري انسانيت جو گڏيل ورثو آهي. هن چيو ته قديمي شين جي قانوني بازيابي ۽ واپسي سان پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ايندڙ نسلن کي انساني تهذيب جي ان غير معمولي يادگارن جو مطالعو ڪرڻ ، کين ساراهڻ ۽ ان مان سکڻ جو موقعو ملندو.











