آمريڪا ۾ هيليڪاپٽر حادثو، ٽي ڄڻا اجل جو شڪار، هڪ زخمي

واشنگٽن -16 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي شهر لاس اينجلس جي پسگردائي واري علائقي ۾ هيلي ڪاپٽر ٻن ڪمرشل عمارتن وچ ۾ ڪري تباهه ٿيڻ سبب ٽي ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب لاس اينجلس فائر ڊپارٽمينٽ ٻڌايو ته اهو حادثو گذريل رات لاس اينجلس جي پسگردائي واري علائقي چيٽس ورته ۾ پيش آيو جنهن ۾ ٽي ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ شخص زخمي …

واشنگٽن -16 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي شهر لاس اينجلس جي پسگردائي واري علائقي ۾ هيلي ڪاپٽر ٻن ڪمرشل عمارتن وچ ۾ ڪري تباهه ٿيڻ سبب ٽي ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب لاس اينجلس فائر ڊپارٽمينٽ ٻڌايو ته اهو حادثو گذريل رات لاس اينجلس جي پسگردائي واري علائقي چيٽس ورته ۾ پيش آيو جنهن ۾ ٽي ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ شخص زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اختيارين موجب حادثي جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو. اهو به واضح ناهي ٿيو ته هيليڪاپٽر ۾ ڪيترا ڄڻا سوار هيا ۽ حادثي ۾ ڪير زنده بچيو آهي يا نه .