رياض/ قاهره – 16 سيتمبر (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي ) ۽ عرب پارليامينٽ حوثي مليشيا طرفان سعودي عرب تي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل جاسم البديوي گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته حوثي مليشيا طرفان مسلسل بيليسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي شهري آبادي کي نشانو بڻايو پيو وڃي جيڪا ان جي دهشتگرداڻي طرز عمل جي …
جي سي سي ۽ عرب پارليامينٽ پاران سعودي عرب تي حملن جي مذمت

مزید خبریں
رياض/ قاهره – 16 سيتمبر (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي ) ۽ عرب پارليامينٽ حوثي مليشيا طرفان سعودي عرب تي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل جاسم البديوي گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته حوثي مليشيا طرفان مسلسل بيليسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي شهري آبادي کي نشانو بڻايو پيو وڃي جيڪا ان جي دهشتگرداڻي طرز عمل جي واضع ترجماني آهي. هن چيو ته حوثين طرفان حملن جو تسلسل عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي، سعودي عرب جي سلامتي ۽ استحڪام، سندن شهرين ۽ رهائشين لاءِ سڌيءَ ريت خطرو آهي .عرب پارليامينٽ پڻ سعودي عرب جي شهرين مشيط، اڀا ۽ طائف تي حوثي مليشيا طرفان بيليسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرون حملن جي شديد مذمت ڪئي. پارليامينٽ جي صدر محمد احمد اليماحي بيان ۾ چيو ته اهو حملو عالمي قانون، عالمي انساني قانون، گڏيل قومن جي منشور ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل ڀڃڪڙي آهن. هن عرب پارليامينٽ طرفان مملڪت سان مڪمل يڪجهتي، مملڪت جي خودمختياري، سلامتي ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ ڪيل سمورن قدمن جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. عرب پارليامينٽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو ته هو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي حملن جي تسلسل کي روڪرائڻ لاءِ سخت موقف اختيار ڪري.











