ڪوئيٽا- 14 سيٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز بگٽي مستونگ ضلعي ۾ فتنه الهندستان خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد عنصرن خلاف ڪارروائي رياستي ادارن جو پختو عزم ۽ پيشيوراڻي صلاحيت جي ترجماني آهي. بلوچستان جي وزيراعليٰ چيو ته سيڪيورٽي فورسز مستونگ ۾ فتنه الهندستان خلاف ڪارروائي دوران ڪمانڊر نقيب سميت ٽن دهشتگردن جو مارجي وڃڻ اسان جي ڪاميابي آهي . …
دهشتگردي خلاف جنگ فيصلائتي مرحلي ۾ آهي : بلوچستان جو وزيراعليٰ

مزید خبریں
ڪوئيٽا- 14 سيٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز بگٽي مستونگ ضلعي ۾ فتنه الهندستان خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد عنصرن خلاف ڪارروائي رياستي ادارن جو پختو عزم ۽ پيشيوراڻي صلاحيت جي ترجماني آهي. بلوچستان جي وزيراعليٰ چيو ته سيڪيورٽي فورسز مستونگ ۾ فتنه الهندستان خلاف ڪارروائي دوران ڪمانڊر نقيب سميت ٽن دهشتگردن جو مارجي وڃڻ اسان جي ڪاميابي آهي . ڪارروائي دوران دهشتگردن جي گاڏي کي ڪواڊڪاپٽر ذريعي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو. مير سرفراز بگٽي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت، جرئت ۽ موثر ڪارروائي واکاڻ جوڳي آهي . دهشتگرد عنصرن خلاف اهڙيون ڪاروايون ان عزم جو اظهار آهن ته رياست امن دشمن قوتن کي بلوچستان ۾ پنهنجي ناپاڪ ارادن جي تڪميل جي اجازت نه ڏيندي . وزيراعلى چيو ته بلوچستان جو عوام دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي . امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي اهلڪارن جون قربانيون قوم لاءِ فخر جو سبب آهن ۽ حڪومت انهن قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي . مير سرفراز بگٽي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ فيصلائتي مرحلي ۾ آهي، دهشتگرد عنصرن خلاف ڪارروايون بنا رڪاوٽ جي جاري رهنديون . آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين رياست جو عزم برقرار رهندو ۽ امن دشمن عنصرن کي ڪنهن به صورت ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.










