لاڙڪاڻي ۾ نيو بس ٽرمينل ۾ دڪانن کي سيل ڪرڻ تي مڇريل ماڻهن جو پوليس تي حملو، پوليس جو 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

لاڙڪاڻو- 23 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي انتظاميه ۽ چيف ميونسپل آفيسر طرفان پوليس سان گڏجي نيو بس ٽرمينل ۾ ڪارروائي ڪندي دڪانن کي سيل ڪرڻ دوران مڇريل مظاهرين طرفان هيوي مشينري ۽ عملي مٿان پٿراءُ ڪري ڀڃ ڊاهه ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس ميونسپل ڪارپوريشن جي وهيڪل انچارج شفقت علي چنو جي فرياد تي گناهه نمبر 2026/119 قلم 353، 427، 504، 506، 114 پي پي سي تحت 5 جوابدارن …

لاڙڪاڻو- 23 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي انتظاميه ۽ چيف ميونسپل آفيسر طرفان پوليس سان گڏجي نيو بس ٽرمينل ۾ ڪارروائي ڪندي دڪانن کي سيل ڪرڻ دوران مڇريل مظاهرين طرفان هيوي مشينري ۽ عملي مٿان پٿراءُ ڪري ڀڃ ڊاهه ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس ميونسپل ڪارپوريشن جي وهيڪل انچارج شفقت علي چنو جي فرياد تي گناهه نمبر 2026/119 قلم 353، 427، 504، 506، 114 پي پي سي تحت 5 جوابدارن جاويد مٺاڻي، علي حسن ڪهيري، علي انور عباسي، بهادر جلباڻي ۽ شعيب مٺاڻي سميت 14 اڻڄاتل جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدارن ڏنڊا ۽ سرن جا ٽوٽا کڻي اسان جي جائز ڊيوٽي ۾ اٽڪاءُ ڪري سرڪاري انڪروچمينٽ ڊمپر ۽ ٽريڪٽر جا شيشا ۽ بتيون ڀڃي موتمار ڌمڪيون ڏئي هليا ويا. ٻئي طرف ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل جوابدارن ضمانت لاءِ پنهنجي وڪيل معرفت لاڙڪاڻي جي فورٿ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن تي عدالت جوابدار نامزد ٿيل چئن ڄڻن جاويد مٺاڻي، علي حسن ڪهيري، علي انور عباسي ۽ بهادر جلباڻي جي 20، 20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

مزید خبریں