لاڙڪاڻو- 23 آگسٽ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي جاري ڪيل هدايتن موجب لاڙڪاڻي پوليس جي ڏوهارين ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائيون جاري آهن، جنهن تحت مختلف هنڌن تان (18) ڏوهاري گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار، چرس، گٽڪو، ڦر ٿيل 2 عدد موٽرسائيڪلون ۽ 2 عدد قيمتي موبائل فون ھٿ ڪري ورتا. ڏوڪري پوليس پارس قتل ڪيس ۾ ملوث ٻن جوابدارن بخت لهر …
ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي هدايتن تي لاڙڪاڻي پوليس پاران ڏوهارين ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائيون

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 23 آگسٽ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي جاري ڪيل هدايتن موجب لاڙڪاڻي پوليس جي ڏوهارين ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائيون جاري آهن، جنهن تحت مختلف هنڌن تان (18) ڏوهاري گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار، چرس، گٽڪو، ڦر ٿيل 2 عدد موٽرسائيڪلون ۽ 2 عدد قيمتي موبائل فون ھٿ ڪري ورتا. ڏوڪري پوليس پارس قتل ڪيس ۾ ملوث ٻن جوابدارن بخت لهر پٺاڻ ۽ رحمت لهر پٺاڻ کي قتل ڪرڻ ۾ استعمال ٿيل هڪ عدد پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. مارڪيٽ پوليس ٻن منشيات وڪرو ڪندڙ جوابدارن رابيل ڀٽو ۽ ذيشان ڀٽو کي 4 ڪلو کان وڌيڪ چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. علي گوهر آباد پوليس ٻن جوابدارن محب چانڊيو ۽ غلام علي ڪلھوڙو کي 2 عدد بنالائسنس پسٽلن ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. باڊه پوليس گٽڪو سپلاءِ ڪندڙ سجاد گاڏهي کي 20 پاڪيٽ آداب گٽڪي سميت، روپوش ۽ آءِ آر لسٽيڊ جوابدار نويد جوڻيجو کي 04 پاڪيٽ آداب گٽڪي سميت، جوابدار اعجاز ڀٽي کي شراب سميت، اشتهاري جوابدار پرويز خروس جتوئي، گھربل جوابدار احمد علي چانڊيو ۽ مختيار احمد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. فتح پور پوليس ڦر جي ڪيس ۾ 2 اشتهاري جوابدارن نماڻو ٻٽ ۽ بخشل ٻٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رحمت پور پوليس عاشق حسين نالي اشتهاري جوابدار ۽ مختيار علي نالي گھربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ماھوٽا پوليس روپوش جوابدار اعجاز چاچڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايئرپورٽ پوليس سڪندر نالي شخص کي گٽڪو وڪرو ڪرڻ تي گٽڪن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. نئوديرو پوليس شهري سعيد رمضان کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ ماھوٽا پوليس شهري نبيل احمد کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتيون آهن.











