افغانستان ۾ طالبان حڪومت جون غيرقانوني پابنديون، عورتون آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن: دي گارجين

اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) افغانسان ۾ طالبان حڪومت جي غيرقانوني پابندين سبب اتي جون عورتون آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن. طالبان حڪومت جي اونداهي دور ۾ افغان عورتن خلاف صنفي مت ڀيد کي رياستي پاليسي بڻايو ويو آهي. عالمي رسالي ”دي گارجين“ طالبان حڪومت جي افغان عورتن خلاف هڪ طرفه ۽ سخت گير پاليسين کي ظاهر ڪيو آهي. رپورٽ موجب طالبان حڪومت افغان عورتن کان سڀ ڪجهه ڦري اهڙو …

اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) افغانسان ۾ طالبان حڪومت جي غيرقانوني پابندين سبب اتي جون عورتون آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن. طالبان حڪومت جي اونداهي دور ۾ افغان عورتن خلاف صنفي مت ڀيد کي رياستي پاليسي بڻايو ويو آهي. عالمي رسالي ”دي گارجين“ طالبان حڪومت جي افغان عورتن خلاف هڪ طرفه ۽ سخت گير پاليسين کي ظاهر ڪيو آهي. رپورٽ موجب طالبان حڪومت افغان عورتن کان سڀ ڪجهه ڦري اهڙو نظام لاڳو ڪيو آهي جنهن ۾ اڌ آبادي غلام بڻجي چڪي آهي، افغان عورتن تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ لاءِ طالبان حڪومت قانونن کي پنهنجي مرضي موجب تبديل ۽ استعمال ڪندي رهي آهي. افغان حڪومت گهٽ عمر جي شادي ۽ گهريلو تشدد کي جائز قرار ڏنو جڏهن ته عورتن جي طلاق جو حق به محدود ڪيو آهي. عالمي رسالي جي افغانستان بابت رپورٽ ظاهر ڪري ٿي ته طالبان حڪومت ۾ افغان سرزمين عورتن لاءِ غير محفوظ ۽ ناقابل برداشت بڻجي چڪي آهي.

مزید خبریں