بيجنگ- 23 آگسٽ (اي پي پي) چين ۾ تيار ڪيل هڪ هيومنائيڊ روبوٽ 100 ميٽرن جي ڊوڙ 9.32 سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪري انساني ڊوڙ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روبوٽ لائيٽنگ اها ڪارڪردگي هڪ آزمائشي مقابلي دوران ڏيکاري. چين جي سمارٽ فون ساز ڪمپني آنر جي تيار ڪيل ان روبوٽ آزمائشي ڊوڙ دوران وڌ کان وڌ 14.5 ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار حاصل ڪئي. لائيٽنگ جي 9.32 …
چيني هيومنائڊ روبوٽ جي 100 ميٽر ڊوڙ 9.32 سيڪنڊن ۾ مڪمل، اڳوڻو انساني عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

مزید خبریں
بيجنگ- 23 آگسٽ (اي پي پي) چين ۾ تيار ڪيل هڪ هيومنائيڊ روبوٽ 100 ميٽرن جي ڊوڙ 9.32 سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪري انساني ڊوڙ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روبوٽ لائيٽنگ اها ڪارڪردگي هڪ آزمائشي مقابلي دوران ڏيکاري. چين جي سمارٽ فون ساز ڪمپني آنر جي تيار ڪيل ان روبوٽ آزمائشي ڊوڙ دوران وڌ کان وڌ 14.5 ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار حاصل ڪئي. لائيٽنگ جي 9.32 سيڪنڊن جي ڪارڪردگي انساني مردن جي 100 ميٽرن جي ڊوڙ جي موجوده عالمي رڪارڊ کان اٽڪل هڪ ڀاڱي چار سيڪنڊ بهتر آهي. اهو رڪارڊ جميڪا جي عظيم ايٿليٽ يوسين بولٽ 17 سال اڳ جرمني جي شهر برلن ۾ عالمي ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ دوران 9.58 سيڪنڊ ۾ قائم ڪيو هو. چين پاران هيومنائڊ روبوٽس جي تياري ۽ انهن جي عملي استعمال تي وڌندڙ ڌيان اهڙي وقت ۾ سامهون اچي رهيو آهي جڏهن مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس ۽ جديد هارڊ ويئر ٽيڪنالاجي کي صنعتي پيداوار کان ويندي روزاني جي صارفين جي ضرورتن تائين مختلف شعبن ۾ استعمال ڪرڻ جون ڪوششون تيز ٿي رهيون آهن.











