حيدرآباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي صلاح الدين جوڻيجو چيو آهي ته سياست ۾ حرف آخر ناهي هوندو، جمهوريت ۽ ملڪي ترقي لاءِ ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. پي پي پي عوامي پارٽي آهي ۽ ماڻهن جي خدمت لاءِ هر وقت تيار آهي، پارٽي جي لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان پوئتي نه هٽنداسين. انهن خيالن …
پي پي پي عوامي پارٽي آهي ۽ ماڻهن جي خدمت لاءِ هر وقت تيار آهي ، سياست ۾ حرف آخر ناهي هوندو، جمهوريت لاءِ ڪنهن سان به ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون: صلاح الدين جوڻيجو

مزید خبریں
حيدرآباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي صلاح الدين جوڻيجو چيو آهي ته سياست ۾ حرف آخر ناهي هوندو، جمهوريت ۽ ملڪي ترقي لاءِ ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. پي پي پي عوامي پارٽي آهي ۽ ماڻهن جي خدمت لاءِ هر وقت تيار آهي، پارٽي جي لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان پوئتي نه هٽنداسين. انهن خيالن جو اظهار هن جوڻيجو هائوس ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ عيادت لاءِ آيل تڪ جي عوام ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صلاح الدين جوڻيجو چيو ته ڪشمير جي چونڊن دوران پرامن طور تي پنهنجون ذميواريون انجام ڏيڻ دوران حملا ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ هو ۽ سندس ساٿي زخمي ٿي پيا. جڏهن ته الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان ڪنهن وڏي نقصان کان محفوظ رهياسين. هن چيو ته هو پيپلز پارٽي ۽ جمهوريت لاءِ هر وقت هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي. سندس چوڻ هو ته سياست ۾ ڳالهين جا دروازا بند نٿا ڪري سگهجن ۽ سياسي پارٽين سان ڳالهيون ممڪن آهن ڇاڪاڻ ته سمورين قوتن کي گڏجي اڳيان وڌڻو آهي جمهوريت جي خوبصورتي ۽ ملڪي ترقي جي ضمانت آهي. هن عيادت لاءِ آيل عوام ۽ صحافين جو ٿورو مڃيندي چيو ته عوام جون دعائون سندس لاءِ ڍال ثابت ٿيون ۽ انهن دعائن جي عيوض هو ڪنهن وڏي نقصان کان محفوظ رهيو. هن پنهنجي خاندان سميت ساڻس محبت ڪندڙ عوام جو به شڪريو ادا ڪيو.











