گڏيل قومون - 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان لبيا جي ورهايل ادارن کي گڏ ڪرڻ ۽ چونڊن جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ جاري سياسي روڊ ميپ ۾ اڳڀرائي جي آجيان ڪندي لبيا جي خودمختياري ۽ اتان جي عوام جي خواهشن جي احترام جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل ۾ لبيا جي صورتحال تي بحث دوران …
لبيا جي قيادت ۽ ملڪيت تي ٻڌل جامع سياسي عمل ئي اڳيان وڌڻ جو عمل جوڳو رستو آهي: پاڪستان

مزید خبریں
گڏيل قومون – 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان لبيا جي ورهايل ادارن کي گڏ ڪرڻ ۽ چونڊن جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ جاري سياسي روڊ ميپ ۾ اڳڀرائي جي آجيان ڪندي لبيا جي خودمختياري ۽ اتان جي عوام جي خواهشن جي احترام جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل ۾ لبيا جي صورتحال تي بحث دوران چئي. هن چيو ته لبيا جي قيادت ۽ لبيا جي ملڪيت تي ٻڌل هڪ جامع سياسي عمل ئي اڳيان وڌڻ جو واحد عمل جوڳو رستو آهي. هن چيو ته ان عمل جي بنيادي ذميواري لبيا جي عوام تي لاڳو ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته کين ئي اهو رستو طئي ڪرڻو آهي. پاڪستاني نمائندي سياسي عزم جي ضرورت تي به زور ڀريو. هن امريڪا سميت علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ سياسي عمل جي حمايت لاءِ ڪيل ڪوششن جي آجيان ڪئي. هن صدارتي ڪائونسل، نمائندن واري ايوان ۽ اعليٰ رياستي ڪائونسل جي قيادت پاران 18 جون تي اعلان ڪيل روڊ ميپ جو به ذڪر ڪيو. پاڪستاني نمائندي اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ ڳالهين جي پڄاڻي جي به آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته انهن سفارشن کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪيو ويندو جنهن سان ادارن جي اتحاد ۽ قومي مفاهمت کي اڳيان وڌائڻ ۾ مدد ملندي.











