بلوچستان ۾ امن، ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر رابطا ضروري آهن: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بلوچستان ۾ امن، ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر رابطا ضروري آهن. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ساڻس هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ايراضي جي …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بلوچستان ۾ امن، ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر رابطا ضروري آهن. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ساڻس هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو خصوصي ڌيان ۽ وسيلن جو حقدار آهي، ٻاهرين سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن جُون بلوچستان جي ترقي کي روڪڻ لاءِ رڪاوٽُون وجهڻ جُون ڪوششون هر قيمت تي ناڪام بڻايون وينديُون. اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن بلوچستان مان دهشتگردي جو پاڻ کان خاتمو ڪيو ويندو. صدر کي بلوچستان جي مجموعي صورتحال ۽ صوبي ۾ جاري ترقياتي قدمن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي پيلزپارٽي عورتاڻي ونگ جي صدر فريال ٽالپر ۽ بلوچستان جو اڳوڻو وزير مير علي حسن زهري پڻ موجود هئا.