ايس آءِ ايف سي جي سهولتڪاري سان پاڪ چين اسپورٽس فٽ ويئر صنعتي تعاون جومعاهدو، روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ جو امڪان

 اسلام آباد-17 آگسٽ (اي پي پي) اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي ) جي سهولتڪاري سان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسپورٽس فٽ ويئر جي شعبي ۾ صنعتي تعاون جو معاهدو طئي ٿيو، جنهن سان پاڪستان جي مينيوفيڪچرنگ صلاحيت، چيني سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي سبب روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ جا نوان رستا کلڻ جي اميد آهي. معاهدي تي پاڪستان جي مشهور فٽ ويئر ڪمپني فارورڊ اسپورٽس ۽ چين …

 اسلام آباد-17 آگسٽ (اي پي پي) اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي ) جي سهولتڪاري سان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسپورٽس فٽ ويئر جي شعبي ۾ صنعتي تعاون جو معاهدو طئي ٿيو، جنهن سان پاڪستان جي مينيوفيڪچرنگ صلاحيت، چيني سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي سبب روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ جا نوان رستا کلڻ جي اميد آهي. معاهدي تي پاڪستان جي مشهور فٽ ويئر ڪمپني فارورڊ اسپورٽس ۽ چين جي زونگ زي هواشين گروپ وچ ۾ صحيحيون ڪيون ويون، جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي صنعتي مهارت، پيداواري صلاحيت ۽ سيڙپڪاري جي تجربي کي گڏ ڪندي پاڪستان ۾ اسپورٽس فٽ ويئر جي صنعت کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ آهي. ان سهڪار جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي، پيداواري  صلاحيت ۾ اضافي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته پاڪستاني اسپورٽس مصنوعات جي عالمي مارڪيٽن تائين پهچ به وڌيڪ بهتر ٿيندي. ايس آءِ ايف سي صنعتي ترقي، پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ روانگي واپار جي شعبن جي توسيع لاءِ سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. ان شراڪتداري کي پاڪستان جي روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي فٽ ويئر مارڪيٽ ۾ ملڪي مصنوعات جو حصو وڌائڻ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.