ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان

اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ سومر ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو. بلومبرگ جي رپورٽ مطابق ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جي سيپٽمبر ۾ فراهمي لاءِ معاهدو 0.62 ڊالر جي گهٽتائي سان 81.78 في بيل جڏهن ته برينٽ ڪروڊ جو آڪٽوبر لاءِ معاهدو 0.17 ڊالر جي گهٽتائي سان 88.35 ڊالر في بيرل …

اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ سومر ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو. بلومبرگ جي رپورٽ مطابق ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جي سيپٽمبر ۾ فراهمي لاءِ معاهدو 0.62 ڊالر جي گهٽتائي سان 81.78 في بيل جڏهن ته برينٽ ڪروڊ جو آڪٽوبر لاءِ معاهدو 0.17 ڊالر جي گهٽتائي سان 88.35 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيو، جڏهن ته سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رڪارڊ ڪيو ويو، سون جي قيمت 16.20 ڊالر جي اضافي سان 4453.50 ڊالر في اونس ۽ چاندي جي قيمت 0.68 ڊالر جي بهتري سان 65.79 ڊالر في اونس تائين پهچي وئي. رپورٽ مطابق جنسن جي قيمتن ۾ گڏيل رجحان رهيو ۽ مڪئي جا ڊسمبر لاءِ معاهدا 1.25 ڊالر جي اضافي سان 484.50 ڊالر في بشل جڏهن ته ڪڻڪ جا ڊسمبر لاءِ معاهدا 1.50 ڊالر جي گهٽتائي سان 688 ڊالر في بشل ۾ طئي ٿيا.