اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) مقامي مارڪيٽن ۾ 24 قيراط سون جي في تولو قيمت ۾ 500 روپين جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. آل پاڪستان صرافه، جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڇنڇر تي 24 قيراط سون جي في تولو جي قيمت 500 روپين جي گهٽتائي سان 4 لک 59 هزار 936 روپيا ٿي وئي. اهڙي طرح 24 قيراط 10 گرام سون جي قيمت 429 روپين جي گهٽتائي سان …
سون جي في تولو قيمت ۾ 500 روپين جي گهٽتائي
اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) مقامي مارڪيٽن ۾ 24 قيراط سون جي في تولو قيمت ۾ 500 روپين جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. آل پاڪستان صرافه، جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڇنڇر تي 24 قيراط سون جي في تولو جي قيمت 500 روپين جي گهٽتائي سان 4 لک 59 هزار 936 روپيا ٿي وئي. اهڙي طرح 24 قيراط 10 گرام سون جي قيمت 429 روپين جي گهٽتائي سان 3 لک 94 هزار 320 روپيا جڏهن ته 22 قيراط 10 گرام سون جي قيمت 393 روپين جي گهٽتائي سان 3 لک 61 هزار 473 روپيا ٿي وئي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت 5 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4 هزار 375 ڊالر ٿي وئي. رپورٽ موجب ٻئي طرف چاندي جي في تولو قيمت 13 روپين جي واڌ سان 6 هزار 949 روپيا ٿي وئي.












