اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي شروعات تي جولاءِ 2026ع دوران ملڪ ۾ ڪارن جي وڪري ۾ 141.28 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي. پاڪستان آٽو موبائل مينوفيڪچررز ايسو سي ايشن (پاما) جي انگن اکرن مطابق جولاءِ 2026ع دوران ڪارن جو مجموعي وڪرو 17 هزار 216 يونٽس تائين پهچي ويو جڏهن ته جولاءِ 2025ع ۾ ڪارن جي وڪري جو ڳاڻيٽو 7 هزار 135 يونٽس رهيو …
جولاءِ 2026ع دوران ملڪ ۾ ڪارن جي وڪري ۾ 141.28 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ
اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي شروعات تي جولاءِ 2026ع دوران ملڪ ۾ ڪارن جي وڪري ۾ 141.28 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي. پاڪستان آٽو موبائل مينوفيڪچررز ايسو سي ايشن (پاما) جي انگن اکرن مطابق جولاءِ 2026ع دوران ڪارن جو مجموعي وڪرو 17 هزار 216 يونٽس تائين پهچي ويو جڏهن ته جولاءِ 2025ع ۾ ڪارن جي وڪري جو ڳاڻيٽو 7 هزار 135 يونٽس رهيو هو. اهڙي طرح جولاءِ 2025ع جي ڀيٽ ۾ جولاءِ 2026ع دوران ملڪ ۾ ڪارن جي وڪري ۾ 10 هزار 81 يونٽس يعني 141.28 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال جي شروعاتي مهيني جولاءِ دوران اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري ۾ به اضافو ٿيو آهي.












