انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن جي اهتمام هيٺ آءِ بي سي سي سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ پاڪستان جي آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) جي اهتمام هيٺ آءِ بي سي سي سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ پاڪستان جو 79هون آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. آءِ بي سي سي جي عوامي لاڳاپن واري شعبي موجب آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب دوران آءِ بي سي سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح آزادي جي ڏهاڙي …

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) جي اهتمام هيٺ آءِ بي سي سي سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ پاڪستان جو 79هون آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. آءِ بي سي سي جي عوامي لاڳاپن واري شعبي موجب آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب دوران آءِ بي سي سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح آزادي جي ڏهاڙي جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جو تحفظ ۽ ان جي خودمختياري جو دفاع هر پاڪستاني جي گڏيل ذميواري آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته قوم کي متحد رهندي ملڪ جي خلاف ڪنهن به خطري يا جارحيت جي مقابلي ۾ مضبوط ڍال بڻجڻ جي لاءِ هر وقت تيار رهڻ گهرجي.

شاگردن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر غلام علي ملاح انهن کي محنت، نظم ۽ ضبط، لڳاءُ ۽ عزم جي ذريعي مسلسل بهترين ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جو روشن مستقبل هڪ تعليم يافته، هنرمند، باصلاحيت ۽ ذميوار نوجوان نسل سان واڳيل آهي. هن هنر تي ٻڌل تعليم جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن سان هم آهنگ عملي ۽ پيشيواراڻي مهارتن سان ليس ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان سان نه رڳو نوجوانن جي لاءِ روزگار جا بهترين موقعا پيدا ٿيندا پر جدت، ڪاروباري صلاحيت ۽ قومي معيشت جي استحڪام ۾ پڻ مدد ملندي. ڊاڪٽر غلام علي ملاح شاگردن تي زور ڀريو ته اهي تعليم، مهارت، محنت ۽ قومي ذميواري کي پنهنجي مستقبل جو بنياد بڻائيندي پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. تقريب جي پڄاڻي آزادي جي حقيقي روح، قومي اتحاد، حب الوطني ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي عزم جي ورجاءُ سان ٿي.