سوٽي ڪپڙي جي روانگي واپار ۾ جون دوران 8.94 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي: پي بي ايس

اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) سوٽي ڪپڙي جي ملڪي روانگي واپار ۾ جون 2026ع دوران 8.94 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي. وفاقي شماريات واري اداري (پي بي ايس) مطابق ان عرصي دوران سوٽي ڪپڙي جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو گهٽجي 112 ملين ڊالرز رهجي ويو جڏهن ته جون 2025ع دوران سوٽي ڪپڙي جي روانگي واپار مان 123 ملين ڊالرز جو مٽا سٽا وارو ناڻو ڪمايو ويو هو. …

اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) سوٽي ڪپڙي جي ملڪي روانگي واپار ۾ جون 2026ع دوران 8.94 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي. وفاقي شماريات واري اداري (پي بي ايس) مطابق ان عرصي دوران سوٽي ڪپڙي جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو گهٽجي 112 ملين ڊالرز رهجي ويو جڏهن ته جون 2025ع دوران سوٽي ڪپڙي جي روانگي واپار مان 123 ملين ڊالرز جو مٽا سٽا وارو ناڻو ڪمايو ويو هو. اهڙي طرح جون 2025ع جي ڀيٽ ۾ جون 2026ع دوران سوٽي ڪپڙي جي قومي روانگي واپار ۾ 11 ملين ڊالرز يعني 8.94 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.