سائيٽ ٿاڻي جي پوليس پاران گنجو ٽڪر ڀرسان ٽنڊو محمد خان روڊ تان مبينه مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

حيدرآباد - 13 آگسٽ(اي پي پي)حيدرآباد جي سائيٽ ٿاڻي جي پوليس گنجو ٽڪر واري علائقي ڀرسان ٽنڊو محمد خان روڊ تان مبينه مقابلي کان پوء هڪ مبينه اسٽريٽ ڪرمنل غلام علي شيدي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي قبضي مان پستول هٿ آيو آهي جڏهن ته زخمي کي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. پوليس جي ترجمان …

حيدرآباد – 13 آگسٽ(اي پي پي)حيدرآباد جي سائيٽ ٿاڻي جي پوليس گنجو ٽڪر واري علائقي ڀرسان ٽنڊو محمد خان روڊ تان مبينه مقابلي کان پوء هڪ مبينه اسٽريٽ ڪرمنل غلام علي شيدي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي قبضي مان پستول هٿ آيو آهي جڏهن ته زخمي کي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار جو هڪڙو ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.