سنڌ پبلڪ سروس پاران مختلف پوسٽن لاء ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽ جا نتيجا جاري، مجموعي طور تي 92 اميدوار ڪامياب قرار

حيدرآباد - 13 آگسٽ(اي پي پي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 12 آگسٽ 2026ع تي مختلف کاتن ۾ خالي پوسٽن لاءِ ورتل ڪمپيوٽرائيز ٽيسٽ جا نتيجا جاري ڪيا آهن، جنھن تحت مجموعي طور 92 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏئي کين انٽرويو لاءِ اهل قرار ڏنو ويو آهي. ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق صحت کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر  جي پوسٽ لاءِ ورتل امتحان ۾  50 اميدوار  ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته …

حيدرآباد – 13 آگسٽ(اي پي پي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 12 آگسٽ 2026ع تي مختلف کاتن ۾ خالي پوسٽن لاءِ ورتل ڪمپيوٽرائيز ٽيسٽ جا نتيجا جاري ڪيا آهن، جنھن تحت مجموعي طور 92 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏئي کين انٽرويو لاءِ اهل قرار ڏنو ويو آهي. ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق صحت کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر  جي پوسٽ لاءِ ورتل امتحان ۾  50 اميدوار  ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته مائنز اينڊ منرل ڊولپمينٽ کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (ٽيڪنيڪل)  لاءِ 15 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن.اهڙيءَ ريت صحت کاتي ۾ ٽرانسپورٽ آفيسر جي پوسٽ لاءِ 4 اميدوار، جڏهن ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج/صحت کاتي ۾ ليب ليڪچرار جي پوسٽ لاءِ 7 اميدوار لکت وارو امتحان پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. ساڳئي ڏينهن لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي ۾ اسسٽنٽ بايولاجسٽ جي پوسٽ لاءِ پڻ ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيسٽ جو نتيجو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ 16 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.ايس پي ايس سي پاران ڪامياب اميدوارن کي ايندڙ مرحلي زباني امتحان لاءِ گهربل دستاويزن جون تصديق ٿيل ڪاپيون مقرر وقت اندر جمع ڪرائڻ ۽ انٽرويو جي موقعي تي اصل دستاويز پيش ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن .ايس پي ايس سي واضح ڪيو آهي ته ڀرتيءَ جي عمل دوران سنڌ ۾ لاڳو سمورين آئيني ۽ قانوني توڙي ڪوٽا پاليسين تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويو آهي، جڏھن ته سمورين پوسٽن جا تفصيلي نتيجا پڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويا آهن.