نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪڻڪ سان لاڳاپيل معاملن جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 13 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن هتي ڪڻڪ سان لاڳاپيل معاملن جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ صوبن پاران پيش ڪيل مطالبن جي روشني ۾ ڪڻڪ جي دستيابي ۽ ضرورتن جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ، قيمتن جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ …

اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن هتي ڪڻڪ سان لاڳاپيل معاملن جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ صوبن پاران پيش ڪيل مطالبن جي روشني ۾ ڪڻڪ جي دستيابي ۽ ضرورتن جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ، قيمتن جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي پنهنجي فيصلي جي توثيق ڪئي. اجلاس ۾ فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير، واپار واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، سنڌ جي خوراڪ واري وزير، چيف سيڪريٽري پنجاب، قومي فوڊ سيڪيورٽي ۽ واپار جي وفاقي سيڪريٽرين، لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي عملدارن ۽ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي عملدارن شرڪت ڪئي.