نوجوان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جا ضامن آهن: راڻا مشهود احمد خان

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان جا نوجوان ملڪ جو روشن مستقبل آهن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ کين اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ نوجوانن لاءِ …

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان جا نوجوان ملڪ جو روشن مستقبل آهن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ کين اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ نوجوانن لاءِ تعليم، هنر ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيوو ڃي. هن چيو ته دانش اسڪول اهڙن ٻارن لاءِ اميد جو ڪرڻو بڻجندا آهن جن وٽ وسيلا نه هئا پر صلاحيت ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو موجود هو. راڻا مشهود احمد خان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 1997ع ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان ميرٽ جي بنياد تي ٻارن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو جڏهن ته 2008ع ۾ دانش اسڪولز جي قيام جو بنياد رکيو ويو، اڄ دانش اسڪولن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون هر سال شاندار نتيجا ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف وزارت اعظميٰ سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جو بنياد رکي سڄي ملڪ جي مستحق ۽ باصلاحيت شاگردن لاءِ تعليم جا موقع وڌيڪ وڌايا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو واضح موقف آهي ته وسيلن جي کوٽ کي نوجوانن جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏنو ويندو، موجوده بجيٽ ۾ نوجوانن بابت ڪيترائي قدم انهي ويزن جو نتيجو آهن. هن چيو ته پاڪستان اڄ ترقي، خوشحالي ۽ محفوظ مستقبل طرف گامزن آهي ۽ ملڪ جا نوجوان ان سفر ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي بدلجندڙ عالمي حيثيت ۽ مختلف ملڪن سان وڌندڙ تعاون مان ظاهر ٿئي ٿو ته دنيا پاڪستان سان گڏجي اڳتي وڌڻ جي خواهشمند آهي. هن چيو ته جڏهن قيادت جي نيت، عزم ۽ ڪمٽمنٽ هجي ته پاڪستان جي ترقي کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ نوجوانن جي مستقبل کي روشن بڻائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا پيا وڃن. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي نوجوانن جي هٿ ۾ آهي ۽ موجوده حڪومت کين ضروري موقعا، وسيلا ۽ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.