اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي تنبيهه جاري ڪئي آهي ته 13 آگسٽ (شام/ رات)کان 14 آگسٽ دوران تيز برسات سبب اسلام آباد/ راولپنڊي، مردان، صوابي، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ ۽ لاهور ۾ هيٺانهين وارن علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي، مٿانهين خيبرپختونخوا (دير، چترال، سوات، ڪوهستان، بونير، بٽگرام، مانسهره، هري پور، ايبٽ آباد)،گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. موسميات کاتي …
موسميات کاتي پاران تنبيهه جاري، 13 آگسٽ جي شام ۽ رات کان 14 آگسٽ دوران تيز برساتن سبب ملڪ جي مختلف هيٺانهين وارن علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو ظاهر
اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي تنبيهه جاري ڪئي آهي ته 13 آگسٽ (شام/ رات)کان 14 آگسٽ دوران تيز برسات سبب اسلام آباد/ راولپنڊي، مردان، صوابي، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ ۽ لاهور ۾ هيٺانهين وارن علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي، مٿانهين خيبرپختونخوا (دير، چترال، سوات، ڪوهستان، بونير، بٽگرام، مانسهره، هري پور، ايبٽ آباد)،گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي عربي سمنڊ مان ڪمزور سانوڻي جون هوائون ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، اولهه وارين هوائن جو هڪ ڪمزور سلسلو به ملڪ جي مٿانهين ۽ اولهه وارن علائقن تي موجود آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪشمير، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ اتر اوڀر/ ڏکڻ پنجاب ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به ٿي سگهي ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ ٻُوسٽ واري رهڻ جو امڪان آهي. اڄ (خميس ڏينهن) ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا، اسلام آباد، پوٽوهار خطي ۽ اتر اوڀر/ ڏکڻ پنجاب ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به ٿي سگهي ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ ٻُوسٽ واري رهڻ جي اميد آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد، پوٽوهار خطي ۽ مٿانهين خيبرپختونخوا ۾ اڪثر هنڌن تي جڏهن ته اتر اوڀر پنجاب ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي 45، نوڪنڊي ۽ دالبندين ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.










