حيدرآباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ جشن آزادي پاڪستان 2026ع جي تقريبن جي سلسلي ۾ ”گرين پاڪستان، گرين فيوچر“ جي عنوان هيٺ وڻڪاري مهم ۽ ماحولياتي آگاهي ويهڪ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، مختلف فيڪلٽين جي ڊينز، استادن، آفيسرن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري وڻ ۽ ٻوٽا لڳايا. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر …
اسڪول کان يونيورسٽي تائين هر شاگرد پنهنجي نالي سان هڪ ٻوٽو لڳائي، ڊگري مڪمل ٿيڻ تائين وڻ بڻجي ويندو: ڊاڪٽر الطاف سيال

مزید خبریں
حيدرآباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ جشن آزادي پاڪستان 2026ع جي تقريبن جي سلسلي ۾ ”گرين پاڪستان، گرين فيوچر“ جي عنوان هيٺ وڻڪاري مهم ۽ ماحولياتي آگاهي ويهڪ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، مختلف فيڪلٽين جي ڊينز، استادن، آفيسرن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري وڻ ۽ ٻوٽا لڳايا. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته پاڪستان کي ٻيلن جي تحفظ ۽ وڏي پيماني تي وڻڪاري لاءِ فوري ۽ مستقل قدمن جي ضرورت آهي. قومي پاليسي موجب ملڪ جي گهٽ ۾ گهٽ 25 سيڪڙو زمين کي ٻيلن ۽ وڻن سان ڍڪڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ٻيلن جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، هن چيو ته سنڌ فاريسٽ کاتي جي انگن اکرن موجب سنڌ ۾ درياهي ٻيلن جو علائقو 1.71 سيڪڙو ۽ آبپاشي ذريعي قائم ڪيل ٻيلن جو علائقو 0.58 سيڪڙو آهي، اهڙي ريت پيداواري ٻيلن جو مجموعي علائقو تقريباً 2.29 سيڪڙو بڻجي ٿو. ٻيلن جي بحالي، ايگروفاريسٽري، شهري وڻڪاري، واهن ۽ روڊن جي ڪنارن تي وڻ لڳائڻ ۽ مينگرووز جي تحفظ کي قومي ترجيح بڻائڻو پوندو، ڊاڪٽر الطاف سيال چيو ته موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان کي سخت گرمي، هيٽ ويوز، غير معمولي برساتن، ٻوڏ، ڏڪار، پاڻي جي کوٽ ۽ زرعي پيداوار تي موسمي دٻاءَ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اهڙين حالتن ۾ وڻڪاري رڳو هڪ سرگرمي نه، پر ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل لاءِ اهم قدم آهي، وائيس چانسلر هڪ اهم تجويز ڏيندي چيو ته اسڪول کان يونيورسٽي تائين هر شاگرد پنهنجي نالي سان هڪ ٻوٽو لڳائي ۽ ان جي سار سنڀال جي ذميواري پڻ پاڻ کڻي. جيڪڏهن شاگرد پنهنجي تعليمي زندگي دوران ان ٻوٽي جي باقاعدگي سان سار سنڀال ڪندو ته ڊگري مڪمل ٿيڻ تائين اهو ٻوٽو هڪ قدآور وڻ بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته اهڙي عمل سان شاگردن ۾ ماحول سان محبت، ذميواري ۽ وڻڪاري جو مستقل شعور پيدا ڪري سگهجي ٿو، ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي موسمياتي سمارٽ زراعت، پاڻي جي مؤثر استعمال، ايگروفاريسٽري، زمين جي تحفظ، ڪاربان مئنيجمينٽ، ماحول دوست زرعي ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي تبديلي سان ٺھڪندڙ فصلن بابت تحقيق ۽ تدريس کي هٿي ڏئي رهي آهي، ان موقعي تي فيڪلٽي آف ايگريڪلچر جي ڊين ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي چيو ته وطن سان محبت جو عملي تقاضو ملڪ جي قدرتي وسيلن جو تحفظ پڻ آهي، تنهنڪري جشن آزادي کي وڻڪاري سان ڳنڍڻ هڪ مثبت قومي روايت آهي، چيئرمين اسٽيپ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته آزادي اسان کي حقن سان گڏ ذميواريون پڻ ڏئي ٿي ۽ ماحول جو تحفظ اسان جي اهم قومي ذميواري آهي. تعليمي ادارا نئين نسل ۾ ماحولياتي شعور پيدا ڪرڻ ۽ ماحول دوست طرز زندگي اختيار ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. تقريب ۾ ڊين ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، ڊين ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاهه راشدي، ڊين ڊاڪٽر منير احمد منگريو، يونيورسٽي آف روهونا سري لنڪا جي سينيئر ليڪچرار ڊاڪٽر اماني منناڪارا، استاد، آفيسر ۽ شاگردن پڻ وڻ ۽ ٻوٽا لڳايا ۽ پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ ۽ ماحول جي تحفظ لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.











