حيدرآباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس گشت دوران مبينا مقابلي کان پوءِ هڪ شخص الهه بخش عرف بچو بروهي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ان جي قبضي مان هڪ عدد لوڊ پستول هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڊسٽرڪٽ پوليس جي ترجمان موجب جوابدار پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. فائرنگ ۾ هڪ پوليس آفيسر به زخمي …
حيدرآباد ۾ ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس پاران مبينا مقابلي کان پوءِ هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

مزید خبریں
حيدرآباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس گشت دوران مبينا مقابلي کان پوءِ هڪ شخص الهه بخش عرف بچو بروهي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ان جي قبضي مان هڪ عدد لوڊ پستول هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڊسٽرڪٽ پوليس جي ترجمان موجب جوابدار پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. فائرنگ ۾ هڪ پوليس آفيسر به زخمي ٿيو آهي. ترجمان موجب جوابدار جا ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏهن ته زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار کي علاج جي لاءِ اسپتال ڀيڙو ڪيو ويو آهي. گرفتار ٿيل جوابدار ڪيترن ئي سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل هو.











