بدين- 10 آگسٽ (اي پي پي) سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس شمشيرالحيدري جي چوڏهين ورسي جي تقريب شمشيرالحيدري اڪيڊمي پاران بدين پريس ڪلب ۾ منعقد ڪئي وئي، تقريب جي صدارت حافظ نظاماڻي ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي حافظ نظاماڻي چيو ته شمشيرالحيدري سنڌي ادب جو اهڙو روشن باب آهي، جنهن پنهنجي قلم ذريعي سنڌ جي قومي، سماجي ۽ ادبي شعور کي نئين سگهه ڏني. سندس …
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس شمشيرالحيدري جي چوڏهين ورسي، بدين ۾ تقريب منعقد

مزید خبریں
بدين- 10 آگسٽ (اي پي پي) سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس شمشيرالحيدري جي چوڏهين ورسي جي تقريب شمشيرالحيدري اڪيڊمي پاران بدين پريس ڪلب ۾ منعقد ڪئي وئي، تقريب جي صدارت حافظ نظاماڻي ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي حافظ نظاماڻي چيو ته شمشيرالحيدري سنڌي ادب جو اهڙو روشن باب آهي، جنهن پنهنجي قلم ذريعي سنڌ جي قومي، سماجي ۽ ادبي شعور کي نئين سگهه ڏني. سندس شاعري ۽ نثر ۾ سنڌ سان محبت، مظلوم ماڻهن جو درد، سماجي ناانصافين خلاف مزاحمت ۽ روشن مستقبل جو خواب نمايان نظر اچي ٿو. هن چيو ته شمشيرالحيدري صرف شاعر يا اديب نه، پر هڪ مڪمل ادبي تحريڪ جو نالو هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي قلم ۽ فڪر جي آزادي لاءِ وقف ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته شمشيرالحيدري پنهنجي منفرد اسلوب، بيباڪ سوچ ۽ تخليقي صلاحيتن وسيلي سنڌي ادب ۾ پنهنجو الڳ مقام پيدا ڪيو، سندس لکڻيون اڄ به نئين نسل جي شاعرن ۽ اديبن لاءِ مشعل راهه آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شمشيرالحيدري جي ادبي ورثي کي محفوظ ڪري نوجوان نسل تائين پهچايو وڃي. مير بليدي چيو ته شمشيرالحيدري سنڌي ادب جي انهن شخصيتن مان هو، جن پنهنجي قلم سان وقت جي اهم مسئلن کي اجاگر ڪيو. سندس شاعري ۽ ادب ۾ سنڌ جي ڌرتي، ماڻهن جي احساسن ۽ سماجي حقيقتن جو عڪس ملي ٿو. هن چيو ته شمشيرالحيدري جي ادبي خدمتن کي وسارڻ بدران انهن کي تحقيق ۽ مطالعي ذريعي اڳتي وڌائڻ گهرجي. سينئر صحافي تنوير احمد آرائين چيو ته شمشيرالحيدري سنڌي ادب سان گڏ صحافت ۽ ڊرامي جي ميدان ۾ پڻ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن پنهنجي تحريرن وسيلي سماج جي مسئلن کي اجاگر ڪيو ۽ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ قلم کي پنهنجو هٿيار بڻايو. شمشيرالحيدري جي فڪر ۽ تخليقن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان موقعي تي مختلف شاعرن ۽ اديبن خطاب ڪندي چيو ته شمشيرالحيدري جي شخصيت سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿي. هن شاعري، ڪهاڻي، ڊرامي ۽ ٻين ادبي صنفن ۾ پنهنجي تخليقي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا. سندس ادبي خدمتون سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جو اهم حصو آهن، هنن چيو ته ورسيون صرف ڪنهن عظيم شخصيت کي ياد ڪرڻ لاءِ نه، پر ان جي فڪر ۽ پيغام کي ايندڙ نسل تائين منتقل ڪرڻ جو ذريعو پڻ آهن. شمشيرالحيدري جي فڪر ۾ علم، ادب، شعور، مزاحمت ۽ سنڌ سان محبت جو جيڪو پيغام موجود آهي، ان کي نوجوانن تائين پهچائڻ لاءِ ادبي ادارن کي وڌيڪ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته ان موقعي تي شمشيرالحيدري کي ڀيٽا پيش ڪندي شاعري پڻ پيش ڪندي شاعرن، اديبن ۽ صحافين ان عزم کي ورجايو ته سنڌي ادب جي هن عظيم نالي جي فڪر ۽ تخليقن کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ لاءِ ادبي سرگرمين جو سلسلو جاري رکيو ويندو.











