اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) يوم آزادي جي موقعي تي آءِ ايس پي آر بلوچي ٻولي ۾ خوبصورت نغمو ” پاڪ اي وطن“ رليز ڪيو ويو آهي. يوم آزادي جي موقعي تي وطن سان سچي محبت جو اظهار ڪندي مشهور بلوچ گلوڪار اختر چنال پنهجي مخصوص روايتي انداز ۾ جوشيلي طريقي سان پاڪ سرزمين سان عشق جي عڪاسي ڪندي بلوچي ثقافت ۽ حب الوطني جي حسين سنگم ذريعي …
يوم آزادي جي موقعي تي آءِ ايس پي آر جو بلوچي ٻولي ۾ خوبصورت نغمو ”پاڪ اي وطن“ رليز ٿي ويو
اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) يوم آزادي جي موقعي تي آءِ ايس پي آر بلوچي ٻولي ۾ خوبصورت نغمو ” پاڪ اي وطن“ رليز ڪيو ويو آهي. يوم آزادي جي موقعي تي وطن سان سچي محبت جو اظهار ڪندي مشهور بلوچ گلوڪار اختر چنال پنهجي مخصوص روايتي انداز ۾ جوشيلي طريقي سان پاڪ سرزمين سان عشق جي عڪاسي ڪندي بلوچي ثقافت ۽ حب الوطني جي حسين سنگم ذريعي انهن خوبصورت جذبن جو مظاهرو ڪيو آهي ته بلوچستان جو رنگ، سُر ۽ ٻول پاڪستان جي سلامتي ۽ بقا لاءِ ڌڙڪي ٿو. ملي نغمي ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي ته اسان وطن لاءِ جان قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون. ملي نغمي ۾ پاڪ وطن سان محبت جي اها گونج ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جو روشن پيغام آهي.












