اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) آپريشن رد الفتنه 3 جي تحت بلوچستان جي علائقي ڪمبيلا ۽ عاصم آباد ۾ فتنه الهندستان جي ٽن دهشتگردن کي جهن ڀيڙو ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ دهشٽگرد عنصرن خلاف ڀرپور ۽ موثر ڪارروايون جاري رکيو اچن. سيڪيورٽي فورسز ڪمبيلا ۽ عاصم آباد ۾ سرچ اينڊ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪري 68 چورس ڪلوميٽر علائقو ڪليئر ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز …
آپريشن رد الفتنه 3: بلوچستان جي علائقي ڪمبيلا ۽ عاصم آباد ۾ فتنه الهندستان جي ٽن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو
اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) آپريشن رد الفتنه 3 جي تحت بلوچستان جي علائقي ڪمبيلا ۽ عاصم آباد ۾ فتنه الهندستان جي ٽن دهشتگردن کي جهن ڀيڙو ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ دهشٽگرد عنصرن خلاف ڀرپور ۽ موثر ڪارروايون جاري رکيو اچن. سيڪيورٽي فورسز ڪمبيلا ۽ عاصم آباد ۾ سرچ اينڊ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪري 68 چورس ڪلوميٽر علائقو ڪليئر ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران فتنه الهندستان جي ٽن دهشٽگردن کي جهن ڀيڙو ڪيو ويو ۽ ٻه لاش برآمد ٿيا. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ چار دهشتگرد زخمي ٿيا جن مان دهشتگردن جو اڳواڻ شوڪت ماما به شامل آهي. سيڪيورٽي فورسز آپريشن دوران 12 شڪي ماڻهن کي پڻ حراست ۾ ورتو آهي. ذريعن موجب آپريشن دوران دهشتگردن جي پناهه گاهن کي ختم ڪري فتنه الهندستان جا جهنڊا هٽايا ويا. سيڪيورٽي فورسز واضح ڪيو آهي ته آپريشن رد الفتنه 3 دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پوري سگهه سان جاري رهندو.












