اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته ڀارت جا غير قانوني قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن. يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو هڪ اهڙو ڪارو باب آهي، جڏهن ڀارت هڪ طرفه طور ۽ غيرقانوني …
ڀارت جا غيرقانوني قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي، عالمي برادري ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي: سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته ڀارت جا غير قانوني قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن. يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو هڪ اهڙو ڪارو باب آهي، جڏهن ڀارت هڪ طرفه طور ۽ غيرقانوني قدمن ذريعي ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن، عالمي قانون ۽ انساني حقن جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهن، جن کي پاڪستان ۽ ڪشميري عوام ڪڏهن به قبول نه ڪيو ۽ نه ئي آئينده ڪندو. هن چيو ته يوم استحصال ڪشمير ان حقيقت جي ياد ڏياري آهي ته ڪشميري عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي بنيادي خوداراديت واري حق لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ظلم، ڏاڍ، گهيراءَ، جبري گمشدگيون، عدالتن کان مٿانهين قتل، سياسي ڪارڪنن جون گرفتاريون ۽ اظهار جي راءِ تي پابندين باوجود ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا. هن چيو ته ڀارت پاران ڄمون ڪشمير ۾ آبادي جي شرح ۾ تبديلي، غير ڪشميري ماڻهن کي ڊوميسائيل ۽ زمينن جي منتقلي جهڙا قدم نه رڳو غيرقانوني آهن پر چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ عالمي انساني قانون جي به ڀڃڪڙي آهن. هن چيو ته اهڙا حربا ڪشميري عوام جي سڃاڻپ، ثقافت ۽ تاريخي تشخص کي ختم نٿا ڪري سگهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان هر عالمي فورم تي ڪشميري عوام جي جائز جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو. هن چيو ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو دارو مدار ڪشمير مسئلي جي اهڙي حل تي آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوامي جي خواهشن موجب هجي. هن گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم، عالمي انساني حقن جي ادارن ۽ عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو فوري نوٽيس وٺي، ڀارت کي ان جي عالمي واعدن تي پابند بڻائي ۽ ڪشميري عوام کي انهن جي بنيادي ۽ خوداراديت واري حق ڏيارڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ان جي پارليامينٽ ڪشميري عوام سان ڪالهه به گڏ هئي، اڄ به گڏ آهي ۽ آئينده به سندن خودارايت واري حق حاصل ٿيڻ تائين هر سطح تي پنهنجي ڀرپور حمايت جاري رکندو.








