اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير جي جائيڪا کي مين لائين ون منصوبي ۾ شريڪ مالي مدد تي غور ڪرڻ جي دعوت

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي)اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه جاپان انٽرنيشنل ڪو آپريشن ايجنسي (جائيڪا) کي مين لائين ون(ايم ايل ون) ريلوي منصوبي ۾ شريڪ مالي مدد تي غور ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻيا ترقياتي شراڪتدار ان اهم منصوبي جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه جائيڪا جي صدر ڊاڪٽر تاناڪا آڪي هيڪو جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي)اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه جاپان انٽرنيشنل ڪو آپريشن ايجنسي (جائيڪا) کي مين لائين ون(ايم ايل ون) ريلوي منصوبي ۾ شريڪ مالي مدد تي غور ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻيا ترقياتي شراڪتدار ان اهم منصوبي جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه جائيڪا جي صدر ڊاڪٽر تاناڪا آڪي هيڪو جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ اعليٰ سطحي وفد سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ ترقياتي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان جي ترجيحي شعبن ۾ جائيڪا جي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي مختلف رخن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. وفاقي وزير جائيڪا جي صدر ۽ وفد جي آجيان ڪندي  پاڪستان سان جائيڪا جي ستن ڏهاڪن تي ٻڌل شراڪتداري جي تعريف ڪئي. ۽ چيو ته جاپان پاران اٽڪل 11.7 ارب آمريڪي ڊالرن جي سرڪاري ترقياتي مدد پاڪستان ۾ توانائي، ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر، صنعت، زراعت، آبي وسيلن، صحت، تعليم ۽ سيڪيورٽي سميت مختلف شعبن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ملاقات دوران وفاقي وزير جائيڪا کي مين لائين ون  ريلوي منصوبي ۾ شريڪ مالي مدد تي غور ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻيا ترقياتي شراڪتدار ان اهم منصوبي جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ايم ايل ون جي جديد رخن تي تعمير سان پاڪستان جي ٽرانسپورٽ نظام کي مضبوط بڻائڻ، واپار کي هٿي ڏيڻ، صنعتي رابطا بهتر بڻائڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي کي سگهه ملندي. ان موقعي تي ڊاڪٽر تاناڪا آڪي هيڪو منصوبي جي اهميت کي تسليم ڪندي چيو ته جائيڪا ان تجويز تي هاڪاري انداز ۾ غور ڪندي.  احد چيمه هنرمند ماڻهن  جي تياري کي پاڪستان جي انساني وسيلن جي ترقي لاءِ اڻٽر قرار ڏيندي چيوته جديد گهرجن سان هم آهنگ مهارتن جي فراهمي ملڪي ۽ عالمي ليبر مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. جائيڪا جي صدر ان تجويز جي حمايت ڪندي چيو ته اداره مستقبل جي منصوبن ۾ ان شعبي کي شامل ڪرڻ تي غور ڪندا. وفاقي وزير ڊجيٽل معيشت جي وڌندڙ اهميت جو ذڪر ڪندي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ انٽرنيٽ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ جائيڪا جي تعاون جي درخواست به ڪئي، ته جيئن فري لانسرز، ڪاروباري ماڻهن ۽ اي ڪامرس جي شعبي کي وڌيڪ هٿ وٺائي سگهجي. ڊاڪٽر تاناڪا آڪي هيڪو ان تجويز جي تعريف ڪندي چيو ته اهي قدم جامع معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن وڏن ترقياتي منصوبن لاءِ معياري فزيبلٽي اسٽڊيز جي تياري ۾ به جائيڪا سان تعاون جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته موثر رٿابندي، سيڙپڪاري جي حاصلات ۽ منصوبن جي ڪامياب پڄاڻي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي. جائيڪا جي صدر خاطري ڪرائي ته فزيبلٽي اسٽڊيز اداري جي بنيادي مهارتن ۾ شامل آهي ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان حڪومت کي مڪمل تعاون فراهم ڪيو ويندو. وفاقي وزير وفد کي پاڪستان جي معاشي صورتحال کان آگاهه ڪندي چيو ته حڪومت محتياط معاشي نظم و نسق ۽ جامع سڌارن ذريعي ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي حاصلات لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي اسٽينڊ بائي ارينجمينٽ جي ڪامياب پڄاڻي کان پوءِ ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي تحت پاڪستان جي اڳڀرائي اطمينان بخش رهي آهي ۽ ملڪ سمورا مقداري ڪارڪردگي هدف ڪامياب سان حاصل ڪيا آهن. پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ پراڻي ترقياتي شراڪتداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ ٻئي ملڪ انفراسٽرڪچر، ريلوي، هنرمند ماڻهن، ڊجيٽل معيشت، سياحت ۽ ٻين اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي متقف آهن. جائيڪا گذريل 7 ڏهاڪن دوران پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ حڪومت مستقبل ۾ به ان موثر شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهشمند آهي.