ڪابل- 05 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان ۾ جاري ظلم، زيادتين ۽ حد کان وڌيڪ مهانگائي کان تنگ افغان شهري هاڻي سرعام طالبان حڪومت خلاف بغاوت تي اچي ويا آهن، ڪابل شهر مان ويڊيو پيغام ۾ چيو ويو آهي، ته افغان طالبان حڪومت جي ناقص پاليسين سبب مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آهي، افغان طالبان خلاف اسان کي هاڻي اٿڻو پوندو، اسان کي بچائڻ لاءِ ڪو ٻيو نه ايندو، افغان شهري …
افغان طالبان رجيم جي ظلم ۽ زيادتين خلاف مزاحمت ۾ تيزي

مزید خبریں
ڪابل- 05 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان ۾ جاري ظلم، زيادتين ۽ حد کان وڌيڪ مهانگائي کان تنگ افغان شهري هاڻي سرعام طالبان حڪومت خلاف بغاوت تي اچي ويا آهن، ڪابل شهر مان ويڊيو پيغام ۾ چيو ويو آهي، ته افغان طالبان حڪومت جي ناقص پاليسين سبب مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آهي، افغان طالبان خلاف اسان کي هاڻي اٿڻو پوندو، اسان کي بچائڻ لاءِ ڪو ٻيو نه ايندو، افغان شهري چيو ته وقت اچي ويو آهي، ته افغانستان کي طالبان کان آزاد ڪرايو وڃي ۽ انهن جو خاتمو ڪيو وڃي. ٻئي پاسي جلال آباد جي شهري به افغان طالبان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ، ته جلال آباد جيڪو ماضي ۾ انگورن ۽ زرعي پيداوار سبب مشهور هو، هاڻي ظلم ۽ ڏاڍ جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي. جلال آباد جي شهري طالبان جي ظلم جو شڪار آهن جڏهن ته ملا هيبت الله کي ان بابت خبر ئي ناهي، طالبان پنهنجي نظريات جي ابتڙ يهودي ۽ هندن جي مفادن جو تحفظ ڪري رهيا آهن.










