وزيراعظم پاران ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ جائز جدوجهد جي حمايت جو ورجاءُ

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ جائز جدوجهد جي حمايت کي ورجائيندي چيو آهي ته ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊگهي مُدي کان پنهنجي غيرقانُوني قبضي ۽ سخت گير قانونن وسيلي آبادي جي شرح کي تبديل ڪرڻ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ايڪس تي …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ جائز جدوجهد جي حمايت کي ورجائيندي چيو آهي ته ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊگهي مُدي کان پنهنجي غيرقانُوني قبضي ۽ سخت گير قانونن وسيلي آبادي جي شرح کي تبديل ڪرڻ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت جي غيرقانُوني قبضي واري ڄمُون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019 ع جي هڪ طرفي ۽ غير قانوني قدمن کي ست سال مڪمل ٿيڻ تي اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي ته ڪابه بيان بازي يا پروپيگنڊا ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل نٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي اتي جي عوام جي حقن کان انڪار ڪري سگهجي ٿو جيڪي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ تسليم ٿيل آهن. هن چيو ته ڀارت جي غير قانوني طور تي قبضو ڪيل ڄمون ۽ ڪشمير جي موجوده صورتحال اها آهي ته ڊگهي عرصي کان جاري وڏي فوجي موجودگي ۽ سخت قانونن ذريعي ڀارت آبادي جي شرح تبديل ڪرڻ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي جنهن جو مقصد ان خطي جي مسلم اڪثريتي سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ آهي. ان سان گڏوگڏ، ڪشميري عوام جي آواز کي دٻائڻ ۽ انهن جي قومي ۽ ثقافتي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ لاءِ منظم ڪوششون پڻ جاري آهن. هن چيو ته ترقي جُون کوکليُون ۽ بي بنياد دعوائون ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ان هٿ نه کڻڻ جهڙي حق  متبادل نٿيون ٿي سگهن اُهي گڏيل قومن جي مينڊيٽ مُوجب آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ شماري ذريعي پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي جائز جدوجهد لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڀارت کان مطالبو ڪري ٿو ته هو پنهنجا غير قانوني قدم واپس وٺي، انساني حقن جُون ڀڃڪڙيون بند ڪري ۽ گڏيل قومن جي منشور، لاڳاپيل سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مُوجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري.