عمان - 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان ۾ والاريل بيت المقدس بابت وزارتي اجلاس جي موقعي تي اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفادي سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي مطابق، ملاقات دوران، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي آجيان ڪندي سياسي، دفاعي، معاشي، تعليمي، ثقافتي ۽ عوامي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفادي سان ملاقات

مزید خبریں
عمان – 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان ۾ والاريل بيت المقدس بابت وزارتي اجلاس جي موقعي تي اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفادي سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي مطابق، ملاقات دوران، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي آجيان ڪندي سياسي، دفاعي، معاشي، تعليمي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال، خاص طور تي والاريل اولهندي ڪناري جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار والاريل بيت المقدس ۾ اسلامي ۽ مسيحي مقدس جاين جي تحفظ جي لاءِ اردن جي ثابت قدم ڪردار ۽ فلسطيني عوام جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. ملاقات ۾ ايران ۽ آمريڪا سان لاڳاپيل تازي صورتحال سميت خطي جي مجموعي حالتن تي پُڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. هُنن گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) سميت ٻطرفي ۽ گهڻ رخن فورمن تي ويجها رابطا برقرار رکندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.










