نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صوماليه جي پرڏيهي ۽ عالمي تعاون واري وزير عبدالسلام عبدي علي سان ملاقات

عمان - 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي گادي واري هنڌ عمان ۾ والاريل بيت المقدس بابت وزارتي اجلاس جي موقعي تي صوماليه جي پرڏيهي ۽ عالمي تعاون واري وزير عبدالسلام عبدي علي سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب، ملاقات دوران، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ صوماليا جي وچ ۾ ڊگهن ڀائراڻن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ سياسي، اقتصادي، …

عمان – 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي گادي واري هنڌ عمان ۾ والاريل بيت المقدس بابت وزارتي اجلاس جي موقعي تي صوماليه جي پرڏيهي ۽ عالمي تعاون واري وزير عبدالسلام عبدي علي سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب، ملاقات دوران، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ صوماليا جي وچ ۾ ڊگهن ڀائراڻن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ سياسي، اقتصادي، دفاعي، تعليمي ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گهڻ طرفن فورمن تي ويجهن رابطن ۽ گڏيل تعاون جاري رکڻ جي عزم کي به ورجايو. ان موقعي تي، ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال خاص طور تي وچ اوڀر جي تازين حالتن ۽ اوڀر بيت المقدس ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.