واشنگٽن ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي بابت ڳالهين جو چوٿون دور منعقد

واشنگٽن - 05 آگسٽ (اي پي پي) واشنگٽن ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي بابت ڳالهين جو چوٿون دور منعقد ٿيو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب آمريڪي وفد جي قيادت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آمريڪي ڪوآرڊينيٽر گريگوري لوگرفو ڪئي، جڏهن ته پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت ۾ اسپيشل سيڪريٽري نبيل منير ڪئي. ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي …

واشنگٽن – 05 آگسٽ (اي پي پي) واشنگٽن ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي بابت ڳالهين جو چوٿون دور منعقد ٿيو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب آمريڪي وفد جي قيادت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آمريڪي ڪوآرڊينيٽر گريگوري لوگرفو ڪئي، جڏهن ته پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت ۾ اسپيشل سيڪريٽري نبيل منير ڪئي. ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ ڀائيواري بابت گڏيل مفادن ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي عزم کي ورجايو ويو. ٻنهي وفدن موجوده دهشتگردي جي خطرن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، گڏيل تعاون کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ۽ سرحدي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ سميت دهشتگردن جي مدد ۽ سهولتڪاري جي نيٽ ورڪس کي ختم ڪرڻ جي قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي ڌرين ان گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ته هُو انهن دهشتگرد تنظيمن جو ڀرپُور مُقابلو ڪندا جيڪي ٻنهي ملڪن جي شهرين جي سلامتي ۽ خطي جي استحڪام لاءِ خطرو آهن، جن ۾ داعش خراسان، القاعده، تحريڪ طالبان پاڪستان، بلوچستان لبريشن آرمي ۽ انهن سان لاڳاپيل گروه شامل آهن. ٻنهي حڪومتن ان ڳالهه کي به ورجايو ته اهي ٻنهي ملڪن کي محفوظ ۽ پرامن بڻائڻ جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا جيڪو خطي ۾ ڊگهي مُدي واري امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي گڏيل ويزن جو حصو پڻ آهي.