ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع وارن غير قانوني ۽ هڪ طرفن قدمن جو مقصد ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ هو: پاڪستان

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪ طرفن قدمن کي ست سال گُذرڻ جي موقعي تي چيو آهي ته انهن قدمن جو مقصد ڀارت جي غيرقانُوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪ طرفن قدمن کي ست سال گُذرڻ جي موقعي تي چيو آهي ته انهن قدمن جو مقصد ڀارت جي غيرقانُوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي ان عزم کي ورجايو ته هُو ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ منصفاڻي جدوجهد جي ڀرپُور حمايت جاري رکندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان ڀارت جي غيرقانُوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي جرئت، ثابت قدمي ۽ اڻٿڪ عزم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختاري واري حق حاصل رڪڻ لاءِ جاري منصفاڻي جدوجهد جي حمايت جاري رکندو، جهڙو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ان حق جي ضمانت ڏني وئي آهي.