اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزيرن ۽ حريت اڳواڻن چيو آهي، ته 5 آگسٽ تي ڀارت هڪ طرفي طور ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڪشميرين کان سندن سڃاڻپ کسڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي هڪ طرفه قدم قبولڻ جوڳا ناهن، انهن کي واپس وٺڻ گهرجي، ڪشميرين انهن ڀارتي قدمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومون ڪشمير بابت پنهنجي ٺهرائن تي عمل درامد ڪرائي. اربع ڏينهن 5 …
ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڪشميرين کان سندن سڃاڻپ کسڻ جي ڪوشش ڪئي: وفاقي وزير ۽ حريت اڳواڻ

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزيرن ۽ حريت اڳواڻن چيو آهي، ته 5 آگسٽ تي ڀارت هڪ طرفي طور ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڪشميرين کان سندن سڃاڻپ کسڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي هڪ طرفه قدم قبولڻ جوڳا ناهن، انهن کي واپس وٺڻ گهرجي، ڪشميرين انهن ڀارتي قدمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومون ڪشمير بابت پنهنجي ٺهرائن تي عمل درامد ڪرائي. اربع ڏينهن 5 آگسٽ 2019ع تي 7 سال مڪمل ٿيڻ تي يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي ڪشمير معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ واڪ ۾ شرڪت ڪندڙن خطاب ڪيا. خطاب ڪندي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت هڪ طرفه طور ڄمون ڪشمير جي ائيني حيثيت ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي، ان قدم سان ڀات ڪشميرين کان سندن سڃاڻپ کسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عملدرآمد بدران پنهنجي ئي آئين تحت ڪشميرين کي حاصل اختيارن ۽ انهن جي خصوصي حيثيت به کسڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان اڳ 70 سالن ۾ ڀارت ڪشميرين کي دٻائڻ جا سڀ طريقا استعمال ڪري ڏٺا، جڏهن ته ڪشميرين جي آزادي واري جذبي کي دٻائي نه سگهيو، اتي ڪشميرين پنهنجو مستقبل پاڪستان سان وابسطا رکيو ۽ هو پنهنجي شهيدن کي پاڪستان جي جهنڊن ۾ دفن ڪندا آهن. ڪشمير کي حاصل خصوصي حيثيت تحت ٻاهران اچي ڪو غير رياستي شخص ڪشمير ۾ جائيداد خريد نٿو ڪري سگهي. هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي ٺهرائن تي عمل ڪرائي. ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏئي. هن چيو ته گذريل سال اسان جي هٿياربند فوج ڀارت کي سندن جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. حق جي ويڙهه کان پوءِ بعد ۾ ڪشمير مسئلو هڪ ڀيرو ٻيهر زنده ٿي چڪو اهي. وزيراعظم شهباز شريف عالمي فورمز تي اهو مسئلو ڀرپور انداز ۾ اٿاريو آهي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته يوم اصحصال اڄ پوري دنيا ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي. ان ڏينهن 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت هڪ طرفه قدم کڻي ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو ڀارتي هڪ طرفو قدم ڪنهن به ريت قبول ڪرڻ جهڙو ناهي. ڀارت ان جي آڙ ۾ پنهنجي غيرقانوني طور ڄمون ڪشمير تي قبضو ڪري آبادي جو شرح تبدي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. مسلم اڪثريتي علائقن ۾ ٻاهران کان هندو آڻي آباد ڪري مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪري رهيو آهي. طارق فضل چوڌري چيو ته ڪشميرين جون قربانيون ۽ سندن استقامت کي سلام پيش ڪيان ٿو، جيستائين گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عملدرآمد نه ٿيندو، پاڪستان جو هر شهري ڪشميرين جي ان جدوجهد ۾ ساڻن گڏ بيٺل هوندو. حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي ڪنوينر غلام محمد صفي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشميري سالن کان ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جو مقابلو ڪري رهيا آهن، اتي ڪشميري قيادت ڏهاڪن کان قيدو بند جون مصيبتون برداشت ڪري رهي آهي، اهي سمورا ڪشميري گڏيل قومن کان پنهنجو تسليم ڪيل حق گهرڻ جي ڪري جيلن ۾ بند آهن، اهو مطالبو ڪرڻ تي ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا ويا آهن تنهن هوندي به ڪشميرين جو جذبو گهٽجڻ بدران بلند ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين يوم استحصال جي مناسبت سان واڪ جو بندوبست ڪيو ويو اهو بندوبست ڪشمير معاملن واري وزارت جي ڪو آرڊينيشن سان ملهايو ويو جنهن ۾ هر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندر عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. واڪ جي قيادت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڪري رهيو هو، ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن به شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جا جهنڊا کنيا هئا جڏهن ته پلي ڪارڊ ۽ بينرز به کنيا ويا هئا جن تي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪ طرفي قدم جي مذمت ڪئي وئي هئي، اهو واڪ ڊي چوڪ پهتو جتي جلسي جي صورت اختيار ڪيائين. پاڪستان جي معياري وقت موجب 9 وڳي سائرن وڄايا ويا ۽ هڪ منٽ جي خاموشي پڻ اختيار ڪئي وئي.








