پشاور- 5 آگسٽ (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اربع ڏينهن فاسٽ بالر حارث رئوف ملاقات ڪئي. پشاور گورنر هائوس جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ صوبي ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ خيبر پختونخواهه چيمئين ليگ جي لانچنگ ۽ ٻين قدمن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صوبي جا نوجوان …
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان فاسٽ بالر حارث رئوف جي ملاقات

مزید خبریں
پشاور- 5 آگسٽ (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اربع ڏينهن فاسٽ بالر حارث رئوف ملاقات ڪئي. پشاور گورنر هائوس جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ صوبي ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ خيبر پختونخواهه چيمئين ليگ جي لانچنگ ۽ ٻين قدمن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صوبي جا نوجوان انتهائي باصلاحيت آهن. ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ خيبرپختونخواهه جي رانديگرن دنيا ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرايون آهن ۽ صوبي جو نالو روشن ڪيو . حارث رئوف صوبي ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان کي صوبي جي سافٽ اميج کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهايو.








