سرينگر - 05 آگسٽ (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشميرين يوم استحصال ڪشمير ملهايو جنهن جو مقصد ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي قيادت ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي جي هندو پرست ڀارتي حڪومت پاران 2019ع ۾ ان ڏينهن غيرقانوني قدمن خلاف احتجاج داخل ڪرائڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهايو ويو

مزید خبریں
سرينگر – 05 آگسٽ (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشميرين يوم استحصال ڪشمير ملهايو جنهن جو مقصد ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي قيادت ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي جي هندو پرست ڀارتي حڪومت پاران 2019ع ۾ ان ڏينهن غيرقانوني قدمن خلاف احتجاج داخل ڪرائڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ڀارتي آئين جي 370 ۽ 35 اي ختم ڪري ڇڏيا جن تحت ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير کي خصوصي حيثيت حاصل هئي. ڄمون ڪشمير ۾ 5 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويو جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان ۾ ماڻهن ۽ پناهگير ڪشميرين احتجاجي مظاهرا، ريليون، سيمينار ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪيا ته جيئن عالمي برادري جو ڌيان ڄمون ڪشمير جي سنگين صورتحال ڏانهن ڇڪائي سگهجي. يوم استحصال ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو هو. اهڙي طرح پروگرام سڄي دنيا جي گادي وارن هنڌن به منعقد ڪيا ويا. حيت ڪانفرنس هڪ بيان ۾ چيو هو ته بي جي پي جي هندو پرست حڪومت 7 سال کان جاري فوجي گهيراءَ ۽ رياستي دهشتگردي سان ڄمون ڪشمير کي مڪمل طور تي هڪ عذاب خاني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته 5 آگسٽ 2019ع کي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي 370 ۽ 35 اي کي رد ڪيو ويو جيڪو ڪشمير جي مسلم اڪثريت سڃاڻپ، آبادي ۽ بنيادي حقن تي سڌي ريت حملو آهي.








