رياض-05 آگست(اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڳالهين جو سلسلو برقرار رکڻ انتهائي اهم آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو بيان اڱاري ڏينهن انهن رپورٽس کان پوءِ سامهون آيو جنهن ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار جي خاتمي لاءِ ڳالهين ۾ اڳڀرائي جو ذڪر ڪيو ويو هيو. جده ۾ وزيرن جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ولي عهد شهزاده محمد …
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڳالهين جو سلسلو برقرار رکڻ ضروري آهي: سعودي عرب

مزید خبریں
رياض-05 آگست(اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڳالهين جو سلسلو برقرار رکڻ انتهائي اهم آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو بيان اڱاري ڏينهن انهن رپورٽس کان پوءِ سامهون آيو جنهن ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار جي خاتمي لاءِ ڳالهين ۾ اڳڀرائي جو ذڪر ڪيو ويو هيو. جده ۾ وزيرن جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پر امن حالتن جي قيام لاءِ سموريون ڪوششون ڪتب آڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن انهن جو سفارتي حل نڪري ۽ علائقائي، سيڪيورٽي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي. ولي عهد آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفون تي ڳالهائڻ بابت ڪابينه کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪابينه سعودي عرب پاران شروع ڪيل گهڻ رخي قومي، دفاعي ۽ بحري اتحاد ۾ وڌندڙ عالمي حمايت ۽ شراڪت جي به ساراهه ڪئي. سعودي عرب ۽ 13 ٻين ملڪن خميس ڏينهن هڪ اتحاد قائم ڪيو جنهن جو مقصد وچ اوڀر جي اهم بحري گذرگاهن ۾ جهاز راني جو تحفظ ڪرڻ آهي. سعودي عرب جي دفاع واري وزير جو چوڻ آهي ته ملٽينيشنل ميري ٽائيم ڊفينس اتحاد بحري سيڪيورٽي کي هٿي ڏيڻ، عالمي سامونڊي رستن جي حفاظت ڪرڻ ۽ بحري سفر ڪندڙن ۽ عالمي واپار کي نشانو بنائڻ وارن خطرن جو مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو اتحادي علائقائي ۽ عالمي سيڪورٽي ۽ استحڪام کي مضبوط بنائڻ ۾ مملڪت جي قائداڻي ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو. اهو قدم مختلف ملڪن وچ ۾ گهڻ رخي تعاون کي هٿي ڏئي ٿو. ڳاڙهي سمنڊ، باب المندب ۽ نار عدن ۾ وڌندڙ خطرن سبب عالمي بحري گذرگاهن، واپاري رستن ۽ توانائي جي پهنچ کي محفوظ بنائڻ جو هڪ فريم ورڪ قائم ڪري ٿو. ٻئي پاسي آمريڪي اهلڪار ايران سان جلد معاهدو ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو جنهن تحت آبنائي هرمز کي ٻيهر کولي سگهجي ٿو.








